شعور ۽ فهم جي حوالي سان سنڌ جو عوام ڪيترو اڳتي ۽ سياسي قيادت ڪيتري پوئتي آهي، ان جو اندازو ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ تڪراري ڪئنالن جي حوالي سان ڇپيل ٽن سياسي اڳواڻن جي بيانن مان ٿئي ٿو، جن مان ٻه سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ اڪيلي سر ۽ مرڪز ۾ مخلوط حڪومت ۾ شريڪ سياسي پارٽيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ هڪ اڳواڻ مذهبي/سياسي جماعت جو اڳواڻ آهي. سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير باتدبير ڄام خان شوري ڪنري ويجهو ڳوٺ مانجھاڪر ۾ نواب يوسف جي وڇوڙي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته، سنڌ حڪومت ڪئنالن وارو ڪيس سي سي آءِ ۾کڻي وئي آھي، هاڻي بس اجلاس جو انتظار آهي، اجلاس ٿيندو ته ڀرپور انداز ۾ ڪيس وڙهنداسين، ايڪنڪ ۾ به اسان ڪيس وڙھون پيا، هن چيو ته آئون ايڪنڪ جو ميمبر آھيان ۽ اهو ڪيس ڀرپور نموني وڙھنداسين. پ پ سان تعلق رکندڙ هڪ رهبر اڳوڻو وفاقي وزير خورشيد شاهه آهي، جنهن چيو آهي ته ڪئنالن لاءِ پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي کڻندو ته اسان کي اعتراض نه هوندو، سنڌ جو پاڻي کڻندو ته ان تي اسان کي اعتراض آهي، سنڌ جي پاڻي کي هٿ لڳائڻ به نه ڏينداسين. ٽيون بيان جي يو آءِ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي مولانا عبدالغفور حيدري جو آهي، جيڪو بيان خورشيد شاهه جي بيان کان بنهه گهڻو متاثر ٿي ڏنل نظر اچي ٿو. مولانا حيدري چيو آهي ته سنڌوءَ مان نڪرندڙ نون ڪئنالن ۾ پاڻي پنجاب جي حصي مان ڇوڙ ڪيو ويو ته ڪئنال اڏڻ تي جي يو آءِ کي اعتراض نه هوندو. جيڪڏهن خورشيد شاهه ۽ مولانا حيدريءَ جي موقف کي انهن جي پارٽين جو موقف سمجهجي ته پوءِ اهو بنا هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته، تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي پ پ ۽ جي يو آءِ هڪ ئي صف ۾ ۽ هڪ ئي ‘صفحي’ تي بيٺل آهن.
سڄي سنڌ ڪئنالن واري معاملي تي سراپا احتجاج آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي حڪمران جماعت آهي ۽ ان جي سورنهن سالن وڌيڪ سنڌ تي حڪمراني آهي. ان عرصي دوران ڏسجي ته پ پ جو موقف سنڌ جي ماحوليات ۽ معيشت جي زندگي ۽ موت وارن معاملن تي انتهائي مبهم ۽ گوٿناٿ وارو رهيو آهي. آدمشماري ۾ غلط انگ اکر قبول ڪري اچڻ، ناڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافي، پاڻي واري معاملي ۾ حق تلفي، معدني وسيلن تي ڌاڙيوالي تي خاموشي، توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون زمينون ڏيڻ وارن معاملن ۾ به پيپلز پارٽي عوام جي اجتماعي مرضي ۽ مطالبن کان وٿيرڪي بيٺل آهي. پيپلز پارٽي جي ‘مريم’ جو منهن، عوام جي ‘ٽنڊي الهيار’ ڏانهن نه آهي (ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار!) ٻين ڳالهين کي ڇڏي رڳو تڪراري ڪئنالن واري معاملي کي ڏسجي ته ان تي پيپلز پارٽي جو موقف اگر مگر وارو رهيو آهي. توڙي جو هڪ سال اڳ ارسا غير قانوني طور تي تڪراري ڪئنالن جي لاءِ پنجاب کي پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو هو. مڃيون ٿا ته اهو نگران دور هو، جنهن ۾ اها سنڌ سان ناانصافي ٿي، پر ارسا کي پنجوڙ وجھي مرڪز حوالي ڪرڻ واري ‘شريفاڻي’ ڪار ڀلا ڪنهن کان لڪل آهي. سنڌ جي وڏي وزير اهو اعلان ڪيو هو ته نگران دور ۾ ٿيل اهي فيصلا جيڪي سنڌ جي مفادن جي خلاف آهن، ‘Undo’ ڪيا ويندا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ دشمن فيصلا ‘Undo’ ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پيپلز پارٽي جي حڪومت انهن خلاف مرڪز کي اکيون ڏيکاري ڪو سگھارو احتجاج به نه ڪري سگھي آهي. پ پ کي جڏهن اهو محسوس ٿئي ٿو ته مرڪز ۾ اقتداري شراڪت واري فارمولي تي عمل نه پيو ٿئي ته پيپلز پارٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جا دڙڪا ڏيندي نظر اچي ٿي پر جڏهن معاملو سنڌ جو آهي ته اتي پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏيندي نظر نٿي اچي. حد ته اها آهي ته پيپلز پارٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي ڪوٺائڻ لاءِ به وزيراعظم تي دٻاءُ وجھي نه سگھي آهي. سي سي آءِ هڪ آئيني ادارو آهي، جنهن جي گڏجاڻي لازمي طور تي 90 ڏينهن ۾ گھرائڻي آهي پر هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي نه ٿي سگھي آهي. اسان نٿا سمجھون ته پيپلز پارٽي ايتري بيوس آهي جو مرڪزي حڪومت تي دٻاءُ نٿي وجھي سگھي. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ اقتداري ڀائيواري رکي ٿي. صدر مملڪت وارو سگھارو منصب به پيپلز پارٽي وٽ آهي پر مصلحتن جي ور چڙهي پيپلز پارٽي سي سي آءِ جي گڏجاڻي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري نه سگھي آهي. ڳالهه صرف زباني ڪلامي بيانن تائين محدود آهي. سنڌ جو آبپاشي وزير چوي ٿو ته سي سي آءِ جي گڏجاڻي ٿي ته ڪئنالن وارو معاملو اٿاريو ويندو پر ڇا جڏهن 9 مڻ تيل گڏ ٿيندو، تڏهن ئي راڌا نچندي؟
پ پ مرڪز جا سمورا غير قانوني عمل قبول ڪريو ويٺي آهي، اها خاموشي به هڪ قسم جي رضامندي آهي. حد ته اها آهي ته پ پ جو سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه اهو چوي ٿو ته پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي ڪئنالن ۾ وهايو ته اعتراض نه هوندو. سوال اهو آهي ته جڏهن سسٽم ۾ پاڻي ئي ناهي ته پوءِ پنجاب جو ڪهڙو پاڻي؟ باقي جيتري قدر سي سي آءِ جي گڏجاڻي جو تعلق آهي ته اتان به ڇا پلئه پوندو؟ جڏهن توهان نهن چوٽي جا زور لڳائي سي سي آءِ جي گڏجاڻي سڏائڻ لاءِ به مجبور نٿا ڪري سگھو ته اتان سنڌ جي حق لاءِ ڪهڙو فيصلو وٺي سگھندا. انڪري سنڌ جي مفاد وارن معاملن تي گوٿناٿ وارو رويو ڇڏي چٽو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو وڃي.