اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 21 ڊسمبر تي صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن رولز جي تجويز ڪيل مسودي جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس سپريم ڪورٽ جي ڪانفرنس روم اسلام آباد ۾ ٿيندو. جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل رولز ميڪنگ ڪاميٽي رولز جو ڊرافٽ مڪمل ڪري جوڊيشل ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن رولز جي منظوري جي صورت ۾ هاءِ ڪورٽن جي ججن جي مقرري تي غور ڪيو ويندو.

عورتن خلاف توهين آميز بيان: پائيڊ جي وي سي تي 5 لک ڏنڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي محتسب اينٽي حراسمينٽ صنفي هراسمينٽ واري ڪيس ۾ پائيڊ جي وائيس چانسلر کي 5 لک رپيا ڏنڊ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو. وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ فوزيه وقار پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نديم الحق جي خلاف صنفي امتيازي سلوڪ اختيار ڪرڻ تي فيصلو ٻڌائيندي ڊاڪٽر نديم الحق اسٽاف انڪامسٽ عنبرين قيوم کي 5 لک رپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عنبرين قيوم ڊاڪٽر نديم الحق خلاف وفاقي محتسب کي باضابطه شڪايت داخل ڪرائي هئي. شڪايت اختيار جي غلط استعمال ۽ سوشل ميڊيا ذريعي بدنام ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو آهي. ترجمان موجب ڊاڪٽر نديم الحق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي عورتن خلاف توهين آميز بيان ڏنا، جاچ کان پوءِ محتسب اهو طئي ڪيو ته ڊاڪٽر نديم الحق صنفي هراسمينٽ جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي ڊاڪٽر نديم الحق تي ڏنڊ لڳايو ويو آهي.