موهن جو دڙو (ن پ ا) جپان کان 10 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جو وفد قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو، جپاني سياحن ماڳ جي اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا، ميوزيم ۽ ٻيا تاريخي آثار گهمي ڏٺا، پرڏيهي وفد کي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي ماڳ بابت ڄاڻ ڏني، پرڏيهي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو جي تهذيب انساني ارتقا جو شاندار ماضي آهي، هن تهذيب کي دنيا اندر وڏي مڃتا ملي آهي، جپاني ماڻهو هن ماڳ جي تاريخ بابت هميشه ڳولا ۽ جستجو ۾ رهيا آهن، جپاني وفد جي آمد دوران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.