ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾گذريل ڏينهن “ٽيڪنالاجي ۽ پائيدار سائنس جو سنگم: انڊسٽري 5.0، نواڻ ۽ اخلاقيات” جي سري هيٺ ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ۽ اسڪالرن ۽ ڪئمسٽري جي ماهرن شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمباٽي ڪانفرنس کي سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا، چين، ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جي ماهرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ سان گڏيل ريسرچ کي هٿي ملندي، جنهن جو سڀني ڌرين کي فائدو پهچندو. جٽادار سائنس هاڻي هڪ آپشن نه پر ضرورت آهي، تنهنڪري عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، وسيلن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي آڻڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻيون پونديون. ڪامسيٽ اسلام آباد جي نامور سائنسدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته انڊسٽري 5.0 انساني ذهانت کي سمارٽ سسٽمز سان گڏائي، اخلاقي ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي رهي آهي. مصنوعي ذهانت ۽ حياتياتي سائنسز جي سنگم سان صحت ۽ ماحولياتي استحڪام ۾ نيون راهون کوليون پيون وڃن. ترڪيءَ جي شهر ڪونيا جي هڪ يونيورسٽي جي نامور اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر حسين ڪارا “يونيورسٽي-انڊسٽري-حڪومت اتحاد: ترڪيءَ ۾ ترقي جو روڊ ميپ” جي موضوع تي پنهنجو مقالو پيش ڪيو هن تحقيق ۽ ترقي جي اقتصادي واڌاري ۾ اهميت تي روشني وڌي ۽ چيو ته يونيورسٽين، صنعتن ۽ حڪومتن وچ ۾ هم آهنگي پائيدار ٽيڪنيڪي ترقي لاءِ ضروري آهي.  چين جي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر حسن ڪريمي به افتتاحي تقريب دوران پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪندي پائيدار سائنسي جدت بابت پنهنجا اهم خيال ونڊيا. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن مان 130 اسڪالرز ۽ ماهرن رجسٽريشن ڪرائي آهي، جن مان 100 محقق پنهنجا مقالا پيش ڪندا.