جَهَل ۽ تعصب يا محبت جي گفتار

0
33
جَهَل ۽ تعصب يا محبت جي گفتار

 ڪاش! اسان (سنڌو ماٿريءَ جا ڌرتي ڄاوا) ڪڏهن اهو سمجهي سگهون ته انسان ڪامل طور تي آزاد ۽ خودمختيار آهي، اهو علم مان لاڀ پرائي يا جهل ۽ تعصب اوڍي نفرت جي تلوار سان ماڻهن کي گهاءَ ڏيندو رهي، يا محبت جي مِٺي گفتار سان مرهم رکي. ڪاش! اسين سمجهي سگهون ته دنيا ۾ جيئڻ جا ڍنگ تياڳي رڳو جيئي ته سگهجي ٿو پر زنده نٿو رهي سگهجي.

                 زندگي محبت، علم، ورهاست، سهپ ۽ نئين سر سجاڳيءَ سان سلهاڙيل آهي. ارتقا ئي زندگي آهي. افسوس اهو آهي ته، ڳالهه سمجهائڻ وارا هن دنيا جي سراءِ مان هڪ ٻئي پٺيان پلاڻيندا پيا وڃن، دلين ۾ اهو دک لڪائي، ته بي ترتيب هجوم نظم و ضبط ڪونه سکيو. ڪڏهن ڪڏهن هي سوال به ذهن ۾ اُڀري ٿو ته ڇا ملاوٽ واريون شيون، جهڙوڪ ٻُورو مليل مرچ، ڀاڙي جي دانش ۽ پيٽ سان ٻڌل عقل جو واپار ڪندڙ ماڻهو ئي ان جا ذميوار آهن، يا اهو هڪ اجتماعي ڏوهه آهي؟ صد افسوس ته اسين سڀ هن ڏوهه جا شريڪ آهيون- ساڃهه وند به ۽ باقي سڀ طبقا به. ڪوبه چُپ جو روزو ٽوڙڻ لاءِ تيار ناهي.
اها بيحسي آهي- اجتماعي بيحسي.

انهن لمحن ۾ مون کي عرب جو بيمثال شاعر ۽ رسول ﷺ جو اصحابي حضرت لَبيدؓ ياد اچي رهيو آهي. هو فرمائي ٿو: “اسين قديم ۽ ڀُتا ٿي وياسين، پر آسمان تي اُڀرندڙ ستارا ڪڏهن به ڀُتا ۽ بوسيده نٿا ٿين. اسان کان پوءِ گهر ۽ عمارتون جيئن جو تيئن بيٺيون رهجي وڃن ٿيون. زمانو هڪ نه هڪ ڏينهن هر انسان جو داغ ظاهر ڪري ڇڏيندو. ۽ انسان آهي ئي ڇا؟ بس هڪ چمڪندڙ شعلو ۽ اصل جو اُلاءَ، جيڪو ٿوري دير لاءِ آب و تاب ڏيکارڻ کانپوءِ نيٺ ته انکي رک ۾ بدلجي وڃڻو آهي”.

ڪڏهن ڪڏهن هي طالب علم سوچيندو آهي ته اسان جي ئي وڏڙن ابن رشد جهڙي فلسفي کي ذليل ڪيو، يعقوب الڪندي کي رسوا ڪيو، ۽ بو علي سينا کي دربدر ڪيو. اڄ اسين پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون؟ اهلِ علم جي تذليل ڪريون ٿا، سُرت ۽ ساڃهه تي لٺين جي زيپٽ جهڙين فتوائن سان دلپشوري ڪريون ٿا.

حسين لوائي چيو هو: “ڀائرن جو گوشت کائڻ وارن جو پيٽ دوزخ کان به وڏو آهي”. زندگيءَ جي شاهراه تي خواهشن جي پويان بنهه تيزيءَ سان ڊوڙندڙ هن هجوم کي ڪير سمجهائي، جو اها تنگ نظر ۽ اٻوجهه مخلوق اسانجي سماج ۾ ٽاڏيون ڏيئي گهمي رهي آهي. انهن لاءِ ئي ته العبسي چيو هو: “جيڪڏهن هو گفتگوءَ جي سمجهه جي سگهه رکندو هجي ها ته روئڻ هن جي اندر مان اڌما ڏيئي نڪري ها، جيڪڏهن ڳالهائڻ جي طاقت هجي ها ته منهنجو هم سخن بڻجي پوي ها”.

اسانجي دور جي سچائي اها آهي ته فطرت ۽ سماج کان ڪٽجي پنهنجي جنون ۾ پچندڙ ۽ پڄرندڙ ماڻهو سمجهن ئي نه پيا ته حياتيءَ جي سفر جي انت تي نقصان جو احساس ئي اجايو هوندو. عمر بن ڪلثوم جون ٽي مصرعون ذهن تي دستڪ ڏئي رهيون آهن، اوهان به ٻڌو. عربيءَ جي هن برک شاعر مٿس چٿرون ڪندڙن کي چيو هو:

“جيڪڏهن ڪينو لڳاتار ۽ تواتر سان اچي،

ته نيٺ اهو توهان تي ظاهر ٿي ئي پوي ٿو،

۽ ڳجهي روڳ کي پڌرو ڪري ڇڏيندو آهي”.

اڃان وقت ناهي ويو، تعصبات کان بچي، زندگي جي شاهراهه تي قدم وڌايو. بيماري ۾ علاج لاءِ طبيب ڏانهن ويندا آهيون، ۽ گهوڙي سواري جي ميدان ۾ گڏهه جي سواري مان ذلت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ملندو”.

هڪ رات فقير راحمونءَ چيو هو: “بندگي جو حق ادا نه ڪري سگهندڙن کي،  احتساب جي ڏينهن سخت مرحلن مان گذرڻو پوندو”. سچ به اهو ئي آهي، پر اسان ان طرف ڌيان ئي نٿا ڏيون. جيڪي مخلوق ۾ محبتون ونڊي نه ٿا سگهن، اهي خالقِ حقيقي آڏو جوابدهي ڪيئن ڪندا؟

هڪ گهڙي لاءِ وري تاريخ جا ورق ورائي ڏسون ٿا. امراؤ القَيس چيو هو:  “ءِ! افسوس آهي انهيءَ لمحي تي، جڏهن بنو ڪامل نيزن جي زد مان بچي ويا. اهي، جيڪي باوقار بادشاهن جا قاتل هئا. خدا جو قسم، وڏن جو وهايل رت هرگز ضايع نه ويندو”.

هڪ ٻيو ورق ورائي ڏسون ٿا. رفيد بن حامل بن طالب چوي ٿو:

“آئون پنهنجي رب کان ساهن پساهن تي اختيار چاهيان ٿو، ته جيڪڏهن ڪو ضرورتمند اهو به گهري، ته آئون ان جو دامن ڀري سگھان”. پر سوال اهوئي آهي. ڇا اسين ڌرتيءَ ڄاوا ڪڏهن سمجهي سگهنداسين ته انسان مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار آهي. هو علم مان لاڀ پرائي،  يا جَهل ۽ تعصب کي اوڍي؟

سوالن کان گوٿناٿ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، 8 ڏهاڪن کان ٻه سال گهٽ ئي ته آهن، ۽ اهي تمام گهڻا آهن. افسوس، سڀ رائيگان ويا، تجربن جي ور چڙهي ويا. جبر ۽ استحصال جيئن جو تيئن آهي. ڌرتيءَ ڄاون جي اڪثريت سڏڪي سڏڪي، چِڳي چِڳي جيئي رهي آهي. عدم توازن آهي. انصاف پڻ وسيلن وانگر طبقاتي آهي. بالادستن جا ڀاڳ کلي ويا آهن. ٿڌي دل سان سوچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان زندگي گذاري آيا آهيون، ڇا اهائي اصل زندگي هئي ۽ ڇا اسانجي ايندڙ پيڙهين جو مقدر به اهوئي هوندو؟ هيءَ ٻاٽ اونداهي ڪڏهن پڄاڻيءَ تي پهچندي؟ ڇَٽَ پَٽَن سان ڪڏهن لڳندا؟ سچي جمهوريت جي باک ڪڏهن ڦُٽندي؟ هڪ سچ اهو به آهي ته اسان پنهنجي دل جي ڪعبي ۾ اڳواڻن جا لات ۽ منات رکي ڇڏيا آهن، انهن کي پوڄيندا آهيون. انهن لاءِ ويڙهه جهيڙهه ڪندا آهيون. نتيجو اسان جي سامهون آهي، پر اسان آهيون، جن کي خود احتسابي کان ڪرهت ٿي اچي. پر سڄي سماج کي پڪو مومن ڏسڻ جا خواهشمند آهيون.

تلخ حقيقت اها آهي ته پنهنجي اصل کان ڪٽجڻ به هڪ قسم جي پسپائي آهي، ۽ پسپائيءَ جو پهريون قدم ڪڏهن به آخري ناهي هوندو. تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو. ڪڏهن لاشَن تي دسترخوان سجايا ويا، ۽ ڪڏهن کوپڙين جا مينار بڻيا. ائين به ٿيو آهي ته مخالفن جا لاش قبرن مان ڪڍي ساڙيا ويا، ۽ راک هوائن ۾ اڏاري وئي. اهو سلوڪ صرف مخالفن سان ناهي ٿيو، ان جي زد ۾ اهلِ دانش به آيا. اهلِ علم جا ڳڻ ڳائيندڙ ۽ محبوب حسين بن منصور حلاج سان دجله جي اُلهندي ڪناري واري ميدان ۾ ڇا وهيو واپريو؟  سامت به سوريءَ تي چڙهيو. سرمد جو ڪنڌ ڪپيو ويو. دارا شڪوه جهڙو پنهنجي زماني جو ذهين ۽ فطين شخص، اقتداري حوس رکندڙن جي ديوانگي جو رزق بڻجي ويو. سمجھڻ وارن لاءِ تاريخ ۾ گهڻو ڪجهه آهي ۽ خود انهن جي پنهنجي دور ۾ به. باقي جيڪي نٿا سمجهڻ چاهين، انهن لاءِ ته بس دعائون ئي بچن ٿيون.

هڪ ڀيرو ٻيهر عربي جي نامياري شاعر ۽ رسول ﷺ جي اصحابي حضرت لبيدؓ سان ملاقات ڪريو. هو فرمائي ٿو: “اھي ماڻهو رخصت ٿي ويا، جن وٽ ويٺي دکندو دور ٿيندو هو، جن جي صحبت ۾ جيئڻ جو پنهنجو لطف هو. آئون ان انهيءَ گذري ويل کيپ مان باقي بچيو آهيان  جيڪو خارش- هاڻي اُٺ جي چمڙيءَ وانگر آهي، جيڪو ان طرف اچي، اهو عذاب ۾ مبتلا ٿيو وڃي”.

ڳالهه صرف ايتري آهي ته جنونيت ۽ انڌي تقليد به خارش- هاڻي اُٺ وانگر آهي، ۽ هن بيماريءَ جي شڪار ماڻهن ڌرتيءَ جي گولي تي ٻڙڌڪ مچائي رکيو آهي.