نئين دهلي (م ڊ) عالمي ميڊيا جي رپورٽن ۾ جي ٽوئنٽي سربراهي اجلاس جي باري ۾ مختلف تجزيا ۽ تبصرا ڪيا پيا وڃن. الجزيره تبصرو ڪيو آهي ته آمريڪا، سعودي عرب، يورپ، وچ اوڀر ۽ هندستان کي ڳنڍڻ جي جديد دور جي اسپائس روٽ جوڙن جو مقصد اسرائيل ۽ سعودي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ آهي. برطانوي اخبار دي گارجين لکيو ته اجلاس کي ڀارتي وزيراعظم ذاتي مشهوري ۽ ايندڙ سال جي چونڊن لاءِ استعمال ڪيو. مودي جو تڪبر وارو انداز، هندو اڪثريتي تعصب، ڪشمير ۽ مني پور ۾ اناني حقن جي بي توقيري، ڀارت سان ڪاروبار ڪندڙ ڪنهن به ملڪ لاءِ شرمساري جو سبب آهي. خابرو ايجنسي رائٽرز موجب جي ٽوئنٽيم اٽلي چين جي روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي مان نڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.