جي ڊي اي ۽ سنڌو بچايو تحريڪ پاران ڪئنالن خلاف مهم تيز : 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 26 تي لاڙڪاڻي ۾ مارچ جو اعلان

0
31
جي ڊي اي ۽ سنڌو بچايو تحريڪ پاران ڪئنالن خلاف مهم تيز : 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 26 تي لاڙڪاڻي ۾ مارچ جو اعلان
جي ڊي اي ۽ سنڌو بچايو تحريڪ پاران ڪئنالن خلاف مهم تيز : 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 26 تي لاڙڪاڻي ۾ مارچ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ سنڌوءَ مان  6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 26 اپريل تي لاڙڪاڻي کان قمبر تائين  مارچ جو اعلان ڪندي ورجايو آھي ته  ڪئنالن جي اڏاوت وارو فيصلو واپس وٺڻ تائين جدوجهد جاري رھندي، اجلاس بعد جي ڊي اي سنڌ جي چيف ڪوآرڊينيٽر  پير صدرالدين شاھ راشدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪئنال منصوبو صرف آبادگارن نه پر سڄي سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي. اسان هر فورم تي انهي منصوبي جي مخالفت ڪنداسين.  قومي اسيمبلي ۾ ڪئنال خلاف قرارداد جي فارم 47 وارا به حمايت ڪندا، اسان ڏسنداسين ته ڪير سنڌ جي مستقبل سان گڏ بيهندو ۽ ڪير فرار ٿيندو؟ عمرڪوٽ ۾ قومي سيٽ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ 15 اپريل تي اسان سڀ عمرڪوٽ ۾ موجود هونداسين، سنڌ ۾ هلندڙ سسٽم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي. اسان ملڪ جي اصل مالڪن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سڀني لاءِ برابري جو ميدان فراهم ڪيو وڃي. ھن چيو ته جن کي فارم 47 تحت ڪامياب ڪرايو ويو، اھي ھاڻي کٽرائيندڙن  تي ٻوجهه بڻجي ويا آھن، بلوچستان ۾ اصل سردارن کي پٺتي ڌڪي جعلي سردارن کي اڳتي آندو ويو آهي. اصل حل اقتدار عوام ۽ اصل سردارن کي ڏيڻ ۾ آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته تڪراري  ڪئنال ٺهيا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد  لاءِ پيئڻ جو پاڻي به بند ٿي ويندو. ھن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضن ۽ پاڻي معاملي تي نوجوانن ۾ وڏي ڪاوڙ آھي پر اسان ڪارڪنن کي پرامن رھڻ لاءِ چيو آهي، ايس يو پي جي سربراهه  سيد زين شاھه چيو ته 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ مارچ ۽ جلسو ڪنداسين،  26 اپريل تي لاڙڪاڻي کان قمبر تائين مارچ ٿيندو. اسان جي تحريڪ پرامن آهي پر مزاحمت ضرور ڪنداسين.  پ پ پاران سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪرايل قرارداد منافقت آهي. ڪئنالن بابت 8 جولاءِ جو صدارتي فيصلو واپس ورتو وڃي، جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ اسدالله ڀٽو چيو ته صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام کان معافي وٺن، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته عمرڪوٽ ۾ شفاف چونڊ ٿي ته  اسان جا اتحادي ضرور ڪامياب ٿيندا، پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مسرور سيال چيو ته پ پ جو اصلي چهرو ظاهر ٿي چڪو آهي. هاڻ اها فيس سيونگ لاءِ قراردادون آڻڻ سان گڏ  عدالتن جو رخ پئي ڪري، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جو هر ٻار سنڌو جي حفاظت ڪندو. تڪراري ڪئنالن کي ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏنو ويندو. هوڏانهن جي ڊي اي جي اجلاس ۾ پ پ (شھيد ڀٽو) جي اڳواڻ ذوالفقار ڀٽو جونيئر پڻ شرڪت ڪئي.