ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ۾ ناراضگيون ختم، ان ڏس ۾ جي ڊي اي جي چيف ڪو آرڊينيٽر پير صدرالدين شاھه راشدي سان سندس رھائشگاھه تي جي يو آءَ جي مرڪزي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو ملاقات ڪئي، ان حوالي سان جي يو آءِ ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته پير صدرالدين شاھه ڪئنالن جي اڏاوت واري فيصلي خلاف جي يو آءِ جي 8 مھينن کان هليل جدوجهد جي تعريف ڪئي وئي ۽ ڪاميابي تي مبارڪون پڻ ڏنيون، ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينن جي الاٽمينٽ خلاف گڏيل جدوجهد تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ھفتي جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ قيادت جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي پڻ ٿيندي.