جي ڊي اي گرانڊ اپوزيشن الائنس ۾ شامل ٿيڻ تي راضي: تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان پاران ڪئنال رٿا جي مخالفت

0
96
جي ڊي اي گرانڊ اپوزيشن الائنس ۾ شامل ٿيڻ تي راضي: تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان پاران ڪئنال رٿا جي مخالفت
جي ڊي اي گرانڊ اپوزيشن الائنس ۾ شامل ٿيڻ تي راضي: تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان پاران ڪئنال رٿا جي مخالفت

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)  تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان ۽ جي ڊي اي وچ ۾ حڪومت مخالف  گرانڊ الائنس جوڙڻ بابت ڳالهين لاءِ ڪاميٽيون  جوڙڻ تي اتفاق، ڪالهه پي ٽي آءِ، ايم ڊبليو ايم ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين تي ٻڌل اتحاد جي اسد قيصر،  محمود خان اچڪزئي،   سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين تي ٻڌل وفد ڪراچي پهچي جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ حڪومت خلاف گرينڊ الائنس جوڙڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پير صدرالدين شاھ چيو ته گڏيل اپوزيشن سان ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي گفتگو ٿي، انهن  نقطن تي 26-27 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ٿي رھي آهي، اسان چاھيون ٿا ته پاڪستان  ۽ آئين کي مضبوط ڪريون ، آئيني ٽڪراءِ واري صورتحال کي ٽيبل ٽاڪ ذريعي حل ڪجي ته جيئن  جھموريت مضبوط  ٿئي، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فھميده مرزا چيو ته ملاقات ۾  ملڪ کي درپيش چيليجز تي ڳالهه ٿي، هن وقت بلوچستان ٻري پيو، سنڌ ۾ بيروزگاري،  پاڻي سميت ھر مسئلي تي احتجاج ٿين پيا، 26 آئيني ترميم ملڪي بقا لاءِ خطرناڪ آهي، اسان کي ملڪي بقا لاءِ گڏجي ڪردار ڪرڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ لاءِ پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، اهو اشو سي سي آءِ ۾  وڃڻ گھرجي، گرانڊ الائنس بابت هن چيو ته پير پاڳارو پنهنجي ڪاميٽي جوڙيندو، پي ٽي آءِ ۽ ٻيا سڀ گڏجي ڪاميٽيون جوڙي حڪمت عملي تيار ڪندا، هن چيو ته سنڌ مان  جي ڊي اي جا3 ايم پي اي چونڊجي آيا، انهن اڄ تائين قسم ناھي کنيو، اسان موجوده اسيمبلي جو حصو  ٿيڻ نٿا چاھيون، بزرگ سياستدان  محمود خان اچڪزئي چيو ته  پير پاڳاري جي گھر تي پھريون ڀيرو آيو آهيان، حر مجاھدن جي جدوجهد جو تاريخ ۾ وڏو ڪردار آهي، پير پاڳاري جي دعائن سان سنڌي بلوچ پختون سميت سڀني قوميتن جو گڏيل اتحاد ٺھندو۔ ۔  پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان ۾ ذھني ھم آھنگي آهي،  اسان بلوچن جي گمشدگي، سنڌ جي پاڻي ۽ پختونن جي رتوڇاڻ خلاف گڏجي ڪردار ادا ڪنداسين،   گلگت کان گوادر تائين انساني حقن جي جنگ وڙھنداسين، اسان جون ڪنهن به ٿرڊ ايمپائر طرف نظرون ناھن، اسين عوامي سياست ڪريون ٿا، قومي اسيمبلي  جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته جي ڊي اي اسانجي دعوت قبولي آهي، 26-27 فيبروري تي پوري ملڪ جي مخالف ڌر جي جماعتن جي ڪانفرنس ٿيندي ته عدالتن  سان ڪيئن کلواڙ ڪيو ويو؟ ھاڻي عدالتن مان ايگزيڪيوٽو  خلاف ڪو فيصلو نٿو اچي، اسان  سڀني کي ميدان ۾ اچڻو پوندو، ھن چيو ته پ پ ڏاڍو مايوس ڪيو،  ھاڻي اها ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي ناھي رھي،  آئين جي خالق جو آئين دفنايو ويو آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت خلاف اتحاد جي حوالي سان ڪوشش ڪريون پيا، جي ڊي اي سان گڏيل جدوجهد تي اتفاق   ٿيو آھي، جلد ٻي گڏجاڻي ٿيندي، هن چيو ته  سنڌ ۾ نيب،  ايف آءِ اي ذريعي انتقام ورتو پيو وڃي، اسان  سنڌ جي پاڻي واري معاملي سميت ھر تحريڪ جو  حصو رھنداسين، ھنن چيو ته ڪو به مالياتي ادارو جھنگ ۾ پئسو ناھي اڇلائيندو، اسان آءِ  ايم ايف کي خط لکيو آھي ته ملڪ ۾ آئين ۽ جھموريت سان مذاق ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته  چيف جسٽس سان ملاقات عمران خان جي مرضي سان ٿي، اسين چاھيون ٿا ته ھر فورم تي پنهنجي ڳالهه رکجي

ڪراچي : جي ڊي اي جي سربراھه پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ ۽ وفاق جي مسئلن تي اسان ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ ذھني ھم آهنگي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ملڪ م آئين جي بالادستي ھجڻ گھرجي، انهي ۾ ئي ملڪ ۽  ادارن جي مضبوطي آھي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل جماعتن سنڌو درياءِ مان نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف جي ڊي اي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي ڪالھوڪي اجلاس ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌوءَ تي نون ڪئنالن جي اڏاوت ملڪي بقا جو مسئلو آھي، اسان انهي خلاف آواز اٿاريندارهنداسين.