ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ (ش ڀ) جي باني چيئرمين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار ڀٽو جونيئر واضح ڪيو آهي ته آئون جي ڊي اي ۾ شامل نه ٿي رهيو آهيان، اسان گهڻين ڳالهين تي هم خيال ناهيون، منهنجو نظريو آهي ته اسان سڀ گڏجي سنڌو درياهه کي بچايون، پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته جي ڊي اي وارن سان ڪمري ۾ گهڻيون ڳالهيون ٿيون، آئون ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف آهيان، جڏهن ته اتي ڪجهه ماڻهو انهي جا حمايتي هئا، آئون اهو قبول نه ڪندس، منهنجو رستو ڌار آهي، اميد آهي ته عوام منهنجو ساٿ ڏيندو.
ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌ سان غداري سمجهون ٿا: صفدر عباسي
ڪراچي: گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو آهي ته جي ڊي اي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي پهرين ڏينهن کان ئي سخت مخالفت ڪندو آيو آهي، سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ پرڏيهي ڪمپنين ۽ سيٺن کي وڪرو ڪرڻ کي سنڌ ڌرتي سان غداري سمجهون ٿا. ھن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڏنل لکين ايڪڙ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ کي رد ڪري، هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي زمينن جي ورهاست ڪرڻ چاهي ٿي، هن وقت تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽو، بدين، خيرپور، دادو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هزارين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ الاٽ ڪيون آهن، اهڙي فيصلي کي سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو هن چيو ته جي ڊي اي ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ ۾ شامل سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن چولستان ڪئنال خلاف ڌرڻا، ريليون ۽ جلسا ڪري رهيا آهن.
|