ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) جي ڊي اي کي سنڌ ۾ آفيسر تبديل نه ٿيڻ تي ڳڻتي: مڪاني ادارا معطل ڪرڻ جي گهر، ان ڏس ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر صفدر عباسي تي ٻڌل وفد ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جڏهن ته ڪراچي مان سردار رحيم ۽ عرفان الله مروت وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي، ترجمان موجب ملاقات دوران وفد اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪ بندين واري فيصلي جي مڪمل تائيد ڪندي چيو ته تڪ بنديون شفاف اليڪشن جو بنياد آهن، انهي ڪري نئين مردمشماري مطابق تڪبندين جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي، عام چونڊون نئين تڪ بندين تي ڪرايون وڃن، ووٽر لسٽن جو به جائزو ورتو وڃي، ته جيئن ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن جي داخلا درست ٿي سگهي، وفد چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم مطابق سنڌ ۾ سمورن صوبائي آفيسرن جي بدلين کي يقيني بڻايو وڃي، وفد جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پاران نگران وزيراعليٰ کي خط لکڻ باوجود مقرريون ۽ بدليون نه پيون ڪيون وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته رٽرننگ آفيسر پڻ غير جانبدار آفيسرن کي لڳايو وڃي، ممڪن هجي ته ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرن ۽ مختلف وفاقي سروسز جي آفيسرن کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو وڃي ، اهوعمل مڪمل ڪرڻ بعد اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن عام چونڊن تائين سمورن بلدياتي ادارن کي معطل ڪري آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شفاف اليڪشن ٿئي، چيف اليڪشن ڪمشنر وفد کي چيو ته شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اوهانجون تجويزون انتهائي اهم آهن، جن تي آئين ۽ قانون مطابق فيصلو ڪنداسين.