ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي مورو واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل پوليس ڪاميٽي کي حڪومتي ڍونگ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي، مقتولن جي وارثن جي مرضي موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڪالهه فنڪشنل ليگ هائوس ۾ صحافين جي مان ۾ رکيل مينگو پارٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي اڳواڻ سردار رحيم چيو ته مورو سانحي بابت پوليس ڪاميٽي رڳو پنهنجن ساٿين کي بچائڻ لاءِ ٺهي آهي، موري ۾ مظلومن تي ئي ڪيس داخل ڪيا ويا۔ بنا جاچ جي غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين جا نالا ايف آءِ آر ۾ ڪيئن آيا؟  هن چيو ته سنڌسرڪار مورو واقعي جو ڀارت تي الزام هڻي پاڻ کي آجو قرار نٿي ڏئي سگهي. هن چيو ته  عيد کانپوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف وڏو احتجاج ڪيو ويندو.