ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جو اهم مشاورت اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو۔ اجلاس ۾ جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاهه راشدي، مولانا عبد القيوم هاليجوئي، مولانا راشد محمود سومرو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيد زين شاهه، مظهر راهوجو، ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا۔اجلاس ۾ پاڪستان تي رات جي انڌاري ۾ ڀارتي بزدلانه حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، بيگناهه شهرين جي شهادت تي انهن جي بلند درجات، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي حوصلي ۽ جذبي ۾ واڌاري لاءِ دعا ڪئي وئي۔ ان موقعي تي سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن پاڪ فوج سان گڏ ڪندن سان گڏ بيٺل هوندا، حر فورس ۽ انصار السلام جا ڪارڪن ملڪ جي سالميت تي ڪو به آنچ نه اچڻ ڏيندا۔ اڳوڻن ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي 18 مئي تي باغ جناح ڪراچي ۾ ٿيڻ وارو جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو