ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس مرتضيٰ خان جتوئي ۽ آفاق احمد جي گرفتاري مذمت ڪندي مرتضيٰ جتوئي جي آزادي لاءِ ٽن ڏينھن جو چتاءُ ڏيندي 25 فيبروري تي قيادت جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آھي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته مخالف ڌر کي ڳالھائڻ جو ته حق ڏنو وڃي، عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ اپوزيشن کي احتجاج جو حق ھجڻ گھرجي، جي ڊي اي سنڌ ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، سنڌ ۾ نوڪريون وڪرو ٿي رھيون آھن، ٿاڻا وڪرو ٿين پيا، امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، جي ڊي اي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رھندي، ھن چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي وڌيڪ مظبوط ٿي رھي آھي ۽ عوام جو اعتماد جي ڊي اي تي وڌندو پيو وڃي، مرتضيٰ خان جتوئي تي داخل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪيون ٿا، اسان قانون جي بالادستي چاھيون ٿا، پير صاحب پاڳاري مسرور جتوئي کي دلداري ڏني آھي، ڪنھن خانداني ماڻھو سان انسانيت سوز زيادتيون برداشت نه ڪنداسين،25 فيبروري تي پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو آھي، جنھن ۾ اھم فيصلا ڪنداسين، ھن چيو ته پيڪا قانون فارم 47 وارن پاس ڪيو ڇا ان کي ميڊيا وارا قبول ڪيو ٿا، اسان قانون تي يقين رکون ٿا قانوني طور تي رليف وٺنداسين، ڪنھن جي نيتن تي ڀروسو ناھي، سنڌ جي پاڻي، سنڌ جي زمينن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن، فارم 47 وارن مان اھيا ئي اميد آھي، قانون کان وڌيڪ بھتر ڪجھه ناھي، اسان قانوني دروازا وڄائيندا رھنداسين، ھن چيو ته جيڪڏهن عوام اسان سان گڏ نه آھي ته پوءِ احتجاج اسان ڪيئن ٿا ڪيون، جيڪي چون ٿا ته عوام انھن سان گڏ آھي اھي ڪينالن جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ڏيکارين، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سيد صدرالدين شاھ سڀني لاءِ پيغام ڏنو آھي ته قانون وسيلي انصاف چاھيون ٿا، اگر ٽن ڏينھن تائين مرتضيٰ خان جتوئي کي قانوني انصاف نه مليو ته پوءِ جي ڊي اي روڊن تي ھوندي، سنڌ جي عوام جون نظرون جي ڊي اي طرف آھن، پيپلز پارٽي فسطائيت جو شڪار ٿي وئي آھي، چونڊن دوران جعلي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي، ھائي ڪورٽ جو واضع حڪم آھي ته مرتضيٰ خان جتوئي خلاف وڌيڪ ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو وڃي، محبت ديرو ٿاڻي تي داخل ٻئي ڪيس لاءِ آئيني ڪورٽ کان اجازت ورتي وئي، اسان آئيني عدالتن خلاف اڳ ۾ خدشا ظاهر ڪري چڪا آھيون، ھن چيو ته ھڪ وفاقي وزير ۽ سينئير سياستدان کي هٿڪڙيون ھڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سنڌ ۾ ڪينال، زمينن جي بندر بانٽ خلاف تحريڪ ھلي پئي، زرداري ۽ سندس حواري ذاتي ڪاوڙ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جي ڊي اي جي پوري قيادت مرتضيٰ خان جتوئي سان ھر حال ۾ گڏ آھي، ان جي صحت خراب آھي دل جو آپريشن ٿيل آھي، ان کي ھڪ ڏينھن ۾ نارا جيل اماڻيو ويو آهي ، عدالت مان انصاف جي اميد آھي، پوليس زرداري ليگ جي بي ٽيم بڻيل آھي، آفاق احمد جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فھميدا مرزا چيو ته ھي سياسي ڪيس آھي، چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪيون ويون، اھڙين اسيمبلين مان اھڙيون قانون سازيون ٿينديون، پيڪا قانون ، 26 آئيني ترميم پيش ڪري عدليه کي يرغمال بڻايو ويو آهي، جنھن خلاف چاھيو قتل ۽ منشيات جا ڪيس داخل ڪيا وڃن، اسان مرتضيٰ خان جتوئي سان ھر حال ۾ گڏ آھيون، لاڙڪاڻي ۾ ٻه ھندن کي قتل ڪيو ويو، ھندو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آھن، ڪراچي ۾ امن امان جون حالتون انتھائي خراب آھن، لاڙڪاڻي ۾ اڄ ھڙتال آھي، ناجائز ۽ غلط ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ گورننس تي زور ڏنو وڃي، اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ته سياسي دھشتگردي ماضي ۾ ڪڏھن ناھي ڏٺي جيڪي ڪجھه بچيا آھن، انھن کي به ھٿڪڙيون ھنيون ويون آھن، ان جي گھر ڀاتين کي ملاقات ڪرڻ نٿي ڏني وڃي، مذمت ڪيون ٿا، زرداري ۽ سندس حوارين کي صلاح ڏيان ٿو ته سڀني کي سنڌ ۾ رھڻو آھي، اھو ڪجھه ڪيو جيڪو سڀاڻي برداشت ڪري سگھو، اگر ڪينال ٺاھيا ويا ته ڪراچي کي پاڻي به نه ملندو، پنجاب ۾ ٿيل ڪانفرنس م چيو ويو ته سنڌو درياءَ جو نالو تبديل ڪري پنجاب ڌرياءُ رکيو وڃي، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته سمنڊ ٺٽي ۽ بدين کي ٻوڙي ڇڏيندو، خدارا ملڪ تي رحم ڪيو، عدليه کي آزاد ڪيو، پريا ڪماري جو اڃان تائين ڪو پتو نه آھي، مرتضيٰ خان جتوئي جو ڪھڙو ڏوھ آھي، ان جو ڏوھ صرف اھو آھي ته پيپلز پارٽي ۾ شامل نٿو ٿئي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته مرتضيٰ خان جتوئي کي گرفتار ڪرڻ جو مقصد سنڌو درياءَ کي بچائڻ واري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ آھي، سنڌ ۾ اغوائن ڦرن جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن، ڄاڻي واڻي سنڌ ۾ حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، سانگھڙ ۾ چار ڏينھن لاش پيا ھئا ان جي ايف آئي آر داخل ڇو نه ڪئي وئي، بک ۽ بدحالي ۾ سنڌ پھرين نمبر تي آھي.