ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي جي چيف آرگنائيزر ۽ فنڪشنل ليگ جي صدر پير صدرالدين شاھ ھدايت ڪئي آهي ته جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تنظيم سازي لاءِ رابطا مھم شروع  ڪئي وڃي،  عوام ڪرپشن، بد خوشحالي،  بدامني ۽ استحصالي نظام جي خاتمي لاءِ متحد ٿئي، جي ڊي جي جنرل سيڪريٽري  ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ سردار رحيم سان ملاقات ۾ ھن چيو ته عوام   ورهائڻ ۽ نفرت واري سياست کي به رد ڪري ڪرپٽ مافيا مان جان ڇڏائڻ لاءِ جي ڊي اي کي مضبوط بڻائي، ھن چيو ته مھانگائي سبب عوام جي صورتحال خراب آھي، نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاء  مھانگائي جي جن کي بوتل ۾ قابو رکڻ لاءِ عملي قدم کڻي.