ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر صدرالدين شاھ راشدي،جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي،لياقت جتوئي، مرتضيٰ جتوئي سان سندس رهائش گاھه تي ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي، ملاقات دوران ارسا قانون ۾ ترميمون ڪري سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف 19 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، ان موقعي تي صدرالدين شاهه چيو ته ارسا قانون ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياءَ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي سنڌ جو عوام 19 سيپٽمبر تي پرامن احتجاجي ڌرڻن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رد ڪندو، ھن چيو ته ھي سنڌ لاءِ موت جو پروانو آھي، جنھنکي ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو، غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته صدر زرداري سنڌ جي عوام کي ڪوڙن ڪيسن، ڌمڪين، حراسان ڪري سنڌ وڪرو نٿو ڪري سگھي، پوري سنڌ سراپا احتجاج آھي، صفدر عباسي چيو ته 19 سيپٽمبر تي سنڌ جي سمورن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن آڏو پر امن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، ھاڻي لٽيرن غاصب حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. لياقت جتوئي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب اڳ ۾ ئي سنڌ م لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي،ارسا قانون ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍي باقي سنڌ کي سڪائڻ ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.