ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي پاران آچر 29 آڪٽوبر تي سيوھڻ ۾ عام جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 15 سالن دوران خراب حڪمراني جي نتيجي ۾ ڪرپشن ۽ بدامني عروج تي آھي، جنهن خلاف جي ڊي اي پاران سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ميزباني ھيٺ سيوھڻ ۾ 29 آڪٽوبر تي جلسو ڪيو ويندو، جنهن کي جي ڊي اي جا اڳواڻ خطاب ڪندا ـ