دادو (رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو آهي ته رفيق جمالي ٻڌي ڇڏي، هي ورڪر ڪنوينشن آهي، توکي دادو ۾ جي ڊي اي جو اهڙو جلسو ڪري ڏيکاريندس جو تنهنجو مٿو ڦري ويندو، منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، 16 سال مون ۽ منهنجي ورڪرن انتقامي ڪارواين کي منهن ڏنو آهي، اسان تي 3 ، 3 ڀيرا ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون، اسان جي ورڪرن کي گرفتار ڪيو ويو.  مون پير پاڳاري ۽ صدر الدين شاھ راشدي جي ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت ڪئي مستقبل ۾ به جي ڊي اي ۾ رهنداسين، اهڙو اظهار هن دادو ۾ جي ڊي اي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. لياقت جتوئي وڌيڪ چيو ته   اليڪشن ۾ پ پ نه زرداري ليگ کي شڪست ڏئي دادو مان ڀڄائينداسين، هنن 16 سال سنڌ جي عوام کي لٽيو آهي، عوام هنن مان بيزار ٿي چڪو آهي، جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي عباسي چيو ته هي ورڪر ڪنوينشن جي ڊي اي پاران اليڪشن مهم جو آغاز آهي، هن چيو ته مون زندگي ۾ 2018 جهڙي اليڪشن نه ڏٺي، عوام هڪڙي پاسي ووٽ ڏنو ، کٽي ٻيا ويا، هي اها پ پ ناهي نه اهو منشور آهي، هي زرداري ليگ آهي جنهن کي دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ آهي ، هنن عوام کان اٽو ۽ اجهو کسيو آهي، هٿ وٺي دادو ضلعي کي ٻوڙائي ماڻهن اجها کسيا ويا ، هنن 2 لک ماڻهن گهر ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر هڪ ماڻهو  کي گهر ناهي ٺاهي ڏنو، اهي پئسا ڪاڏي ويا؟ ، سنڌ جو عوام هاڻي هنن مان بيزار ٿي چڪو آهي ، اليڪشن ۾ عوام هنن کي اهڙي شڪست ڏيندو جيڪا هي وساري نه سگهندا ، ايس يو پي جي منير حيدر شاھ چيو ته هنن سنڌ جا ٻيٽ ، زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڇڏيون، هنن 15 سالن ۾ سنڌ جي شهرن جي بجيٽ هڙپ ڪئي، وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام ووٽ ذريعي هنن کان حساب وٺي. جڏهن ته  ڪريم علي جتوئي ، عاشق زئونر ، عوامي تحريڪ جي منور جتوئي ، فاروق احمد ملڪ  ۽ ٻين خطاب ڪيو ، ان کان اڳ لياقت علي جتوئي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي جي اڳواڻي ريلي پڻ ڪڍي وئي.