جي ڊي اي جو تلهار سميت لاڙ پٽ جي مختلف شهرن ۾ مارچ، بدين_حيدرآباد اسٽاپ تي ڌرڻو

0
25
جي ڊي اي جو تلهار سميت لاڙ پٽ جي مختلف شهرن ۾ مارچ، بدين_حيدرآباد اسٽاپ تي ڌرڻو
جي ڊي اي جو تلهار سميت لاڙ پٽ جي مختلف شهرن ۾ مارچ، بدين_حيدرآباد اسٽاپ تي ڌرڻو

تلھار: سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي تباهه ڪرڻ خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي غلام شاھه موري  کان،کڏهرو، دٻهڙو، دڪو اسٽاپ، مراد ٽالپر، سعيدپور ٿيٻا، راڄوخاناڻي، موٽڻ چانڊيو، حاجي اسحاق ٿيٻو، اوٻائين ملاح کان ٿيندو تلھار تائين 40 ڪلو ميٽر  احتجاجي مارچ ڪري تلھار ۾ مين حيدرآباد هاءِ وي بدين بس اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو، احتجاجي مارچ تي تلهار واسين لبيڪ چوندي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، انھي موقعي تي اڳواڻن مير حسين بخش ٽالپر، ڊاڪٽر عبدالله ٽالپر، خداڏنو شاهه، نور احمد ٽالپر، رئيس خاور خان نظاماڻي، رئيس منصور خان نظاماڻي، مير شاهد ٽالپر، عيسيٰ سمون ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته وفاقي ۽ پنجاب سرڪار وڏي هوڏ تي قائم آھي ڪيترن ئي مھينن کان سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، پر وفاقي سرڪار ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ بجاء ويتر ڪئنالن تي ڪل ٻه سئو ارڙهن عرب جي بجٽ  رکي ڪم ۾ تيزي آڻي ڇڏي آھي، جڏهن ت پي پي وارا سنڌ تباهه ڪرڻ م پنجاب حڪومت جو مڪمل ساٿ نڀائين پيا، جڏهن ت مگر مڇھه جا ڳوڙها ڳاڙي صدر زرداري بيماري جو بهانو ڪري تماشو پيو ڏسي، ھنن چيو ته وفاقي سرڪار ھي جيڪا سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي آھي اسان اھڙي سازش کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ، جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ ريگستان بڻجي ويندي ، ھن وقت به پنجاب جا سمورا واھ ڦل ھلي رھيا آھن ۽ سنڌ جا ماڻھون پاڻي ڦڙي لاء سڪي رھيا آھن لاڙ جي واھن ۽ شاخن ۾ واري پئي اڏامي خريف جو فصل مڪمل طور تي متاثر ٿي ويو آھي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل عام ٿي رھيو بيروزگاري ۾ اضافو پيو ٿئي ، ماڻھون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا ، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان تيز گرمي ۾ اھي وڏا وڏا پيادل مارچ ڪري وفاقي سرڪار سميت سڄي دنيا کي اھو ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته سنڌي عوام کي سنڌو دريا تي ڪو به ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي فوري طور تي ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.