خيرپور (رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پير صاحب پاڳاري جي ننڍي ڀاءُ علي گوهر شاهه راشدي خيرپور جي لقمان شهر ۾ پنهنجي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ ھڪ اھم ڏينهن آهي، يزيد جو ڪم ھو امام حسين جو پاڻي روڪڻ، اڄ اسان کي حسيني جذبو وٺڻو آهي، پير صاحب چيو هو ته سنڌ جيڪڏھن پاڪستان کان الڳ ٿي ته بک نه مرندي جيڪا حقيقت آهي. ھن چيو ته سنڌ جي نالي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي پھرين اسان جون زمينيون ويون ھاڻي وري پاڻي ويندو، ھن چيو ته سڀ ٻاھر نڪرو، گهرن ٻاهران احتجاج ڪريو، ائين نه ٿا ڪري سگهو ته توهان رڙيون ڪيو، اسان سڀني کي ٻاھر نڪرڻ پوندو، مظلوم جي بھادريءَ واري زندگي ھجي پوءِ ڀل اھا ھڪ ڏينھن جي ڇو نه هجي. ھن چيو ته ٻين صوبن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي اھا سنڌ ۾ ڇو نه آهي، 90 سيڪڙو روينيو به سنڌ ڏي ٿي، سنڌين ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي، خيرپور ۽ لاھور جو مقابلو ڪيو ته خيرپور ڪچرا منڊي لڳي پئي آهي، اسان کي پنهنجا حق پاڻ کي وٺڻا پوندا گھرن کان ٻاھر نڪرڻو پوندو، ھن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو وقت اسان ووٽ پنندا ھياسين پر پوءِ به 40 ھزار ووٽ پيا پر ھاڻي ڏيڍ لک ووٽ پون ٿا، ھن چيو ته وڪيلن جي ڌرڻي سان طاقتور قوتن جي مٿي تي جونءِ به نه چري آهي، ھن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ زميندار صرف ٻه ھئا پير صاحب ۽ مير صاحب باقي ھاڻي وارن کي معتبر چوڻ افسوس جوڳو عمل آهي، ھن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ جي آواز کي بند ڪيو ويندو ته ٻين صوبن جيان سنڌ به ھٿن مان ويندي، ھن چيو ته پير صاحب پاڳاري کي پنهنجي والد صاحب جي پڳ جو خيال رکڻ گهرجي، ھن چيو ته انڊيا سڀ واويلا ڪري رهيو آهي باقي انڊيا ڪجھه نه ٿو ڪري سگهي، ھن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي خواهش آهي ته سنڌي اقليت ۾ اچي وڃن، ھن چيو ته ظالم ماڻهو ڪينال بند نه ڪندا اسان کي انهن خلاف جھاد ڪرڻو پوندو، ھن چيو ته جي ڊي اي جا ٻٽا معيارَ آهن تڏهن مان انهن کان پري ٿي ويو آهيان اھي سياست ڪن يا ڪاروبار ڪن، ھن چيو ته پ پ عوامي پارٽي نه بلڪي اسٽيبلشمينٽ جي پارٽي آهي.