جيڪب آباد / اسلام آباد (رپورٽر/ م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ ۾جي ڊي اي، متحده، ن ليگ سان اتهاد ٿي سگهي ٿو، پيپلزپارٽي سان نه. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته چونڊن کان نه پيا ڀڄون، 90 ڏينهن ۾ چونڊن لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته صدر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو آئيني اختيار ناهي، جيڪڏهن هن چونڊن جي تاريخ ڏني ته اها بدنيتي هوندي.
فضل الرحمان، پرويز خٽڪ ۽ محمود خان تي اعتبار ڪرڻ کان انڪار ڪندي انهن سان چونڊ اتحاد جو امڪان رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو، انهن سان رابطا جاري آهن پ پ سان نه. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪري ته ڪڏهن اليڪشن ڪرائيندي، صدر کي اختيار ئي ڪونهي ته چونڊن جي تاريخ ڏئي. ٻئي پاسي اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي آهي ملاقات ۾ ضلعي جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد تي ڳالهيون ڪيون ويون جيڪب آباد ضلعي ۾ محمد ميان سومرو ۽ جي يو آءِ پاران چونڊن ۾ پ پ خلاف گڏيل اميدوار آڻڻ بابت مشورو ڪيو ويو ذريعن موجب راشد محمود سومرو سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد جوڙڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي جنهن محمد ميان سومرو سان گڏجي مولانا فضل الرحمان کان اتحاد لاءِ اجازت ورتي آهي جڏهن ته جي يو آءِ جيڪب آباد جي مجلس شوریٰ ۾ راشد محمود سومرو کي ٺل واري تڪ تي اميدوار طور نالي جو پڻ اعلان ڪيو ويو هو جڏهن ته محمد ميان سومرو به جي يو آءِ کي پنهنجي پينل ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم هو جنهن مقامي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي هئي پر مولانا فضل الرحمان کان حتمي اجازت وٺڻ لاءِ ملاقات ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل ۾ جي يو آءِ جا 15 هزار کان وڌيڪ ووٽ آهن جيڪڏھن محمد ميان سومرو ۽ جي يو آءِ ۾ اتحاد ٿيو ته پ پ کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهن ٿا.