لاهور(م ڊ) جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ بيڪ ڊور رابطا ٿيا آهن، ان سلسلي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ عدالت طرفان اجازت ملڻ کانپوءِ ئي جي يو آءِ اڳواڻ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪري سگهن ٿا. مولانا فضل الرحمان بدران ڪامران مرتضيٰ ملاقات ڪري سگهي ٿو. عمران سان ملاقات دوران حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي فيصلي تي غور ٿيندو.