سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ضلعي سکر، شڪارپور ۽ خيرپور جو گڏيل اجلاس، 26 اپريل تي سکر موٽر وي روهڙي وٽ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان، جي يو آءِ ضلعي سکر، شڪارپور ۽ خيرپور جي ذميوارن ۽ عهديدارن جو گڏيل اجلاس مولانا نعمت الله شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مولانا محمد صالح انڍڙ، ناصر محمود سومرو، عبدالحميد مهر، مولانا طيب ميکو، قاري لياقت مغل، مولانا تاج محمد مهر، مولانا عبدالله عباسي، مولانا امان الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 26 اپريل تي سکر موٽر وي تي ٿيندڙ احتجاجي ڌرڻي جي تيارين بابت تفصيلي غور ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪئنالن خلاف 26 اپريل تي سکر موٽر وي روهڙي وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو تاريخي ڌرڻو هوندو ۽ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.