سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ۾ جي يو آءِ سنڌ جي مجلس شوريٰ جو اجلاس مدرسه عبدالله بن مسعود ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي علامه راشد سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ٺهندڙ ڪئنالن واري رٿا کي رد ڪيون ٿا ۽ ڪارونجهر جبل جي وڪري کي به رد ڪريون ٿا، اسان هميشه سنڌ جي امن خاطر جدوجهد ڪئي آهي، بجاءِ اڪيلي سر جدوجهد ڪرڻ جي اسان قومپرست اڳواڻن، مذهبي جماعت جي اڳواڻن سميت شهرين کي سنڌو درياءَ تي ڪئنال و اري عمل خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته سنڌ جو زير زمين پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، سنڌ جو پاڻي جيڪڏهن چورايو ويو ته سنڌ بنجر ٿي ويندي، ڪراچي سميت سنڌ جا ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان آهن، سنڌ اندر امن و امان جي صورتحال خراب آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي ويٺل آهن اهي جعلي مينڊيٽ تي کٽي آيل آهن، اسان سمجهون ٿا ته ڪچي ۾ ويٺل ڌاڙيلن جي سرپرستي پڪي تي ويٺل ڌاڙيل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪئنالن خلاف ۽ سنڌ اندر امن و امان جي خراب صورتحال تي 20 فيبروري تي تعلقي ۽ 25 فيبروري تي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪيا ويندا، رمضان جو پورو مهينو سياسي سرگرميون معطل رهنديون، مئي ۾گهوٽڪي کان ڪراچي تائين سنڌ عوامي مارچ ڪيو ويندو.