جيڪب آباد (رپورٽر) جمعيّت علماء اسلام ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته ضلعي ۾ حڪومتي ڌر ڌانڌلي ۽ ڌمڪين ذريعي ھر صورت ۾ کٽڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. مختلف وارڊن ۾ ڊور ٽو ڊور ورڪ ۽ ڪارنر گڏجاڻين  کي خطاب ڪندي هن چيو ته  ضلعي جي سموري سرڪاري مشينري ۽ اليڪشن ڪميشن پ پ اميدوارن جي غلام بڻيل آهي تاريخ ختم ٿيڻ بعد به پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون وڃن ٿيون جڏھن ته اسان جا ڌانڌلي روڪڻ لاءِ جائز مطالبا به تسليم نه ٿا ڪيا وڃن ھن خبردار ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏني ويندي اسان پنهنجي جسم تي پھريل ڪپڙن کي ڪفن سمجهي ميدان ۾ لٿل آھيون ڀوتارن ۽ سرڪاري غلامي ڪرڻ وارن جو گهيراءُ ڪبو ۽ سپريم ڪورٽ پڻ وينداسين.