اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) مائنز اينڊ منرلز بل کي رد ڪندي سينيٽ ۾ انهي جي خلاف مهمليا رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پارٽي پاليسي خلاف مائنز اينڊ منرلز بل جي حمايت ڪندڙ پارٽي ميمبرن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته پارٽي بلوچستان اسيمبلي مان پاس مائنز اينڊ منرلز بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي بل جي خلاف سينيٽ ۾ به تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جو بل جي حمايت ڪرڻ پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي آهي جنهن جو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. صوبائي پارٽين کان جلد کان جلد جاچ ڪري مرڪزي جماعت کي رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي