ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ جي يو آءِ طرفان ختم نبوت ۽ سنڌو بچايو ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻھو شريڪ ٿيا، ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو ڪندي چيو ته موجوده حڪمران جعلي ۽ فارم 47 جي پيداوار آھن، آصف زرداري سنڌ، بلوچستان ۽ ايوان صدر جو سودو 280 ارب ۾ ڪيو آهي، واڳ ڌڻين کين چيو ته پئسا ڏيو نه ته مولوي ٿا اچن، مولوين جي ڊپ کان آصف زرداري سنڌ حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ ايوان صدر حاصل ڪيو، موجوده حڪمران ڊي آر اوز ۽ آر اوز ذريعي اليڪشن کٽي آيا آھن صاف ۽ شفاف چونڊ ٿئي ته سندن ضمانتون ضبط ٿي وينديون، ايندڙ وقت وڏيرن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن جو ناهي پر غريبن، مسڪينن، هارين ۽ جي يو آءِ جو آھي، هن چيو ته ڪئنال معاملي تي پيپلز پارٽي جو احتجاج خوش آئند آھي، پر جيڪڏھن وزيراعليٰ ۽ وزير به احتجاج ڪندا ته عملي ڪم ڪير ڪندو، بلاول ڀٽو چپٽي وڄائي ۽ وفاقي حڪومت کي 24 ڪلاڪن جو الٽيمٽم ڏي ته ڪئنال معاملو ختم ڪريو نه ته اسان عدم اعتماد آڻينداسين، ائين ڪرڻ سان وزيراعظم گهر هليو ويندو پيپلز پارٽي وارا اگر مخلصي ڏيکارن ته جعلي مان اصل حڪمران ٿي ويندا، انهن شايد کيس اقتدار پيارو آھي انڪري منفاقاڻا پاليسي تي ھلي رهيا آھن، احسن اقبال اڃان سياسي تماشو ڏٺو ئي ناهي، جعلي ميڊينٽ سان کٽي آيا آھن اڄ ماڻھو نفرت ڪري گاريون ڏين ٿا اهو ماڻھن جو انھن تي عدم اعتماد آھي، احسن اقبال ھوش کان ڪم وٺي، راشد محمود سومرو اين اي 213 جي ٿيندڙ ضمني چونڊ تي درياهه بچايو ڪاميٽي جي اميدوار لال مالهي جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته اسان فوتڪي جي سيٽ تي چونڊ نٿا وڙھون، هڪ مھينو انتظار ڪيوسين پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ لبيڪ وارن رابطو نه ڪيو، سنڌو بچايو تحريڪ ۽ لال مالهي بار بار رابطو ڪيو جنھن تي پارٽي قائد مولانا فضل الرحمنٰ کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد لال مالهي جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي ۽ واعدو ڪيو آھي ته منھنجي جماعت لال مالهي کي ووٽ ڏيندي ڪانفرنس ۾ مولانا عيسيٰ سمون، حاجي رفيق سومرو، مولانا عادل لطيف، مولانا محمد سليم عاطف، مولانا يعقوب نعماني، مولانا نور محمد قراني، مولانا شوڪت چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته ڪانفرنس ۾ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، حاجي نثار آرائين، فقير گل حسن خاصخيلي سميت قومي ڪارڪنن، شھرين، علائقي واسين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي سمورن سودن خلاف سخت نعره هنيا.