اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي بيان تي چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر جو ردعمل اچي ويو، سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ هڪ وڏي پارٽي آهي جيڪو فيصلو ڪندي قبول هوندو، اسان وٽ آفيشل اڃا اهڙو ڪجهه ناهي  آيو، اسان کي به هڪ سورس جي حوالي سان خبر پئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته خان صاحب سان ملاقات لاءِ اسان گهڻي عرصي کان عدالت جو در کڙڪائي رهيا آهيون عدالت کي گهرجي بنيادي حق ڏي، عدالت جو مطلب به اهو ئي آهي ته هو آزاد ٿئي.