مٽياري (رپورٽر ) جمعيت علماءَ اسلام مٽياري پاران مٽياري ضلعي ۾ ٺھندڙ ٻئي ٽول پلازا خلاف حاجي سارنگ منگواڻو، سليم سنڌي ۽ سماجي اڳواڻ رحمت الله ترڪ جي اڳواڻي ۾ ڇنڊڻ موري کان ٽول پلازا جي جاءِ تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو ته مٽياري ۾ اڳي ئي نيو سعيد آباد ۾ ٽول پلازا موجود آھي ته پوءِ ٻئي ٽول پلازا جي ڪھڙي ضرورت آھي، مٽياري جا شھري پھرين ڏينھن کان ٻئي ٽول پلازا خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن، جڏھن ضلعي واسين کي ٻيو ٽول پلازا قبول ئي ناھي ته عوامي خواھشن جي ابتڙ زور زبردستي ٻيو ٽول پلازا ڪيئين پيو ٺاھيو وڃي، اسان ضلعي ۾ ھرگز ٻيو ٽول پلازا ٺاھڻ جي اجازت نه ڏينداسين اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اھو ٽول پلازا گورنمينٽ کي نه پر ڀوتارن کي ڀتو ڏيڻ لاءِ ٺاھيو پيو وڃي ان ڪري جمعيت علماءَ اسلام ان ٽول پلازا کي رد ڪري ٿي مظاھرين جو چوڻ ھو ته ٽول پلازا خلاف سڀاڻي مٽياري عوامي اتحاد پاران لڳندڙ ڌرڻي ۾ جي يو آءِ ڀرپور شرڪت ڪندي ۽ جيستائين ٽول پلازا کي رد نه ٿو ڪيو وڃي اسان جو احتجاج جاري رھندو.