سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، مرڪزي مجلس عمومي جي اجلاس ۾ سنڌوءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ کي غيرقانوني، غير آئيني ۽ غير شرعي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ کي اُن جي جائز پاڻي حصي مان به 55 سيڪڙو گهٽ ملي رهيو آهي، جيڪا هڪ وڏي ناانصافي آهي، مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ لاهور ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته نئين ڪئنالن کي ٻوڏ دوران پاڻي مهيا ڪيو ويندو، پر گذريل 15 ورهين دوران ملڪ ۾ ڪا به  ٻوڏ واري صورتحال نه ٿي آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته هميشه وانگر سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي بنجر زمين کي آباد ڪيو ويندو، هن مطالبو ڪيو ته فوري طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گھرائي، تڪراري ڪئنال اڏڻ واري رٿا کي رد ڪيو وڃي،  هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي زمينون غير مقامي ماڻهن کي ڏيڻ بدران سنڌ جي حقدار هارين کي ڏنيون وڃن.