مٽياري(رپورٽر) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مٽياري پھچي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته سنڌ ۾ بدامني جي لھر آھي ڪشمور ۾ ڀنگ جي لاءِ اغوا وارن واقعن تي افسوس ئي ڪري سگھون ٿا، ھن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿيو، حڪومت ۽ ادارا اغوا جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن، جي يو آءِ جو واضع موقف آھي ته سنڌ بدترين دھشتگردي جي شڪار آھي فوج ۽ رينجرز پوليس کي ڏوھارين خلاف گرينڊ آپريشن ڪرڻ گھرجي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي ٻڌايو ھو ته سنڌ مان روز ماڻھو ڀنگ جي لاءِ اغوا ٿي رھيا آھن انھن کي قتل ڪيو ويندو آھي پر ڪنھن به اداري وٽ انھن مظلوم ماڻھن کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ ڪو پلان موجود ناھي، ڌاڙيل رياستي رٽ کي چيلينج ڪري سنڌ کي ڌاڙيل راڄ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ان ڪري جي يو آءِ سنڌ ۾ رياستي رٽ کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ فوج رينجرز ۽ پوليس جي جوائنٽ آپريشن جو مطالبو ڪري ٿي. ھن چيو ته اڳوڻو وڏو وزير صرف امن امان جو راڳ الاپيندو رھيو آھي، سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون وڃن پيون. ھن چيو آھي ته سنڌ جا ماڻھو ھاڻي پيپلزپارٽي مان جان ڇڏائي سڪون واري زندگي جا متلاشي ٿين. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ احتساب جو عمل نظر نه پيو اچي. ھن چيو ته سنڌ ۾ جنھن به ڪرپشن ڪئي ان کي گرفتار ڪري عوامي رقم واپس اڳاڙي وڃي. ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ سليم سنڌي، طارق ميمڻ، راجا نظاماڻي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.