سکر(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ غير قانوني ڪئنالن جي تعمير خلاف 20 فيبروري تي پوري سنڌ ۾ پريس ڪلبن آڏو مظاهرا ڪيا ويندا، جمعيت علماءِ اسلام  سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو اعلان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل راڄ، اسٽريٽ ڪرائم  ۽ سنڌو درياءَ تي غير قانوني ڪينالن جي تعمير خلاف هڪ منظم احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن تحت 20 فيبروري تي تعلقي سطح ۽ 25 فيبروري تي ضلعي سطح تي سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ھن چيو  ته صورتحال ايتري ڳنڀير آھي جو سج لھڻ کان پوءِ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهن. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل طور تي ناڪام آهن. ھن چيو ته سنڌ درياءَ تي نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي سڪائڻ ۽ معاشي قتل ڪرڻ وارو سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.