سونهاري سنڌ جيان ضلعي خيرپور جي به هر ڳوٺ، ڳلي، واھڻ ۽ وستي ۾ ڪنهن نه ڪنهن عارف ڪامل جو آستانو قائم آهي. انهن برگزيده بزرگن مان ڪي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت جو عملي نمونو ٿي گذريا آهن:
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي
ماٺ واري مطالعي دوران ذڪر ذاتي جو ورد ڪندڙ، دنيا جهان جي جهنجهٽن کان بي نياز، ڳوٺ “رفيق مهيسر” ۾ نفس اماره سان ڀرپور جنگ جوٽي عبدالرحمان کان پوءِ “غازي غمڪسار” بڻجي راھ سلوڪ جي پانڌيئڙن جي رهنمائي ڪندي اڄ کان ستر سال اڳ وڃي واحد جو وصال ماڻيائين. غازي غمڪسار سائينءَ کي ڪائنات جي خلقيندڙ جن صفتن سان سينگاري موڪليو هو، تن جي واکاڻ سندس ڪيترائي هم عصر ۽ عقيدتمند ڪري چڪا آهن، مگر منهنجي مطالعي هيٺ جڏهن سندس هڪڙي پياري طالب فقير غلام رسول “علاب” سائين جو بياض آيو ته مون محسوس ڪيو ته هڪ سچي طالب ۽ هم عصر چشم ديد گواه جي حيثيت سان هن پاڻ جيڪو پسيو هو، سو وڏي واڪ بيان ڪري پنهنجي وقت جي صوفياڻي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي .
فقير علاب سائين جڏهن فنا في المرشد جي منزل تي پهچڻ وارو هو ته هن عاجزي ۽ انڪساري سان هن ريت اظهار ڪيو:
عيب مون ۾ اڻ ڳڻيا، بيحد آهيان بدڪار
سڻ صدا، مهيسر مير تون هادي غمڪسار
علاب گولو گناهگار، سام تنهنجي سيدا .
هڪ سچي سالڪ ۽ طالب کي معرفت بعد حقيقت جي مٿانهين مقام تي پهچائڻ وارو ڪامل مرشد ئي هوندو آهي. انهيءَ بلند درجي تي پهچي وڃڻ لاءِ ضروري آهي ته منافقت ڇڏي اندر اجرو ڪري مرشد وٽ پهچجي.
جي واصل ٿئين وصال کي، ته مرشد در نه ڇڏيج
دئيءَ واري درخت کي، پاڙئون ئي پٽيج
خوب راند کٽيج، خيالي راند خيال سان
مرشد جي رياضتن، مجاهدن ۽ مشاھدن جي جڏهن پڪي پروڙ پيس ته علاب سائين ان جو اظهار هن ريت ڪيو:
محب مهيسر ۾ موج محمدي، غازي آهي غمڪسار
جوهر تنهن ۾ پنجتن پاڪ جو، ھر راز آهي آشڪار
تنهن مان ذاتي نور نروار، حاصل علاب تو حال ڪيو .
راه سلوڪ جو پانڌيئڙو ٻيائي کي ٻن ڏيئي جڏهن هادي رهبر جي مهرباني سان منزل ماڻي ٿو ته پوءِ هيئن اقراري به ٿئي ٿو:
مهيسر جي مهر سان ديدار ٿيو دلبر،
لٿو حجاب، کليو نقاب هر جا هڪ نظر
مهرئون مهيسر، واصل علاب وصال ٿيا
پنهنجي بلند مرتبي واري هادي رهنما “غازي غمڪسار” سائين کي علاب فقير هڪ مرادوند مريد جي ناتي هن ريت وينتي ڪندي به نظر اچي ٿو:
مديون آهن مون ۾، تون صاحب آهين ستار
طالب ‘علاب’ تنهنجو، تون ‘هادي غمڪسار’
مون تي ناهي ميار، تو هٿ قلم تقدير آ .
وحدت الوجودي يا همہ اوستي صوفي هجڻ جي ناتي يا مرشد جي مسلڪ سان وابستگي جو اقرار به علاب سائين وڏي واڪ هن ريت ڪري ٿو:
وچ منصوري ماڻي، ڪيوسين انا الحق اظهار
بي خودي دا بحر هون، سڏايوسي ‘غازي غمڪسار’
الست واري ڏينهن اسان، ڪيتا نال حڪم دي سڀ نروار
وحدت وارو اقرار، پورو ‘علاب’ پڌرو ڪيو
دور حاضر جي افراتفري ۽ نفسانفسي واري وايو منڊل ۾ هادي غمڪسار سائين ۽ سندس طالبن جو انسان دوستي ۽ امن وارو پيغام عام ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.