راولپنڊي: جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ شيرين مزاري سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، ڪرنل اجمل صابر راجا، سڪندر زيب، راجا راشد حفيظ ۽ خادم حسين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو، ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ جج امجد علي شاهه هلائي، پي ٽي آءِ باني کي به عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جوابدارن فرد جرم جي شيٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جوابدارن موقف اختيار ڪيو ته اسان خلاف ثبوت اڻپورا آهن، اسان جي درخواست ٻڌي وڃي، فيصلو اچڻ بعد فرد جرم شيٽ تي صحيح ڪنداسين، عدالت ۾ موجود فواد چوڌري، بابر اعواڻ، شيخ رشيد ۽ ٻين اڳواڻن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪئي، شاهه محمود قريشي کي پوليس سخت سڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان لاهور کڻي رواني ٿي وئي.