اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي ايچ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي. ٻڌڻي دوران استغاثه جي وڌيڪ 8 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. مجموعي طور تي ڪيس ۾ 25 گواهن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن. ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي. جنهن دوران سب انسپيڪٽر بابر سجاد، عقيل احمد، رجب علي، احمد نواز شامل آهن. بيان رڪارڊ ڪرائيندڙن ۾ سب انسپيڪٽر عرفان حسين، شمريز محبوب، ڪانسٽيبل طالب حسين، ڪانسٽيبل ثمرا اشفاق پنهنجا بيان رڪارڊ ڪريا. پوليس گواهن مرڪزي مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ۽ اشتهار پيش ڪيا. ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ عدالتي اشتهار جوابدار مراد سعيد، حماد اظهر، راجه بشارت ۽ ذوالفي بخاري جا پيش ڪيا ويا. عورت پوليس اهلڪار جوابدار ناديه حسين ۽ فاطمه احسن کان برآمد موبائل فون عدالت ۾ پيش ڪيا. جوابدار استغاثه جي گواهن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جي شروعات 15 جنوري ۾ ٿي. گذريل اٺن ٻڌڻين ۾ استغاثه 25 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. ٻڌڻي دوران باني تحريڪ انصاف کي اڊيالا جيل ۾ قائم خصوصي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.