اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌرجي اڳواڻ عمر ايوب جي بريت واري درخواست دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه رد ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. جوابدار عمر ايوب جي وڪيل بابر اعواڻ بريت واري درخواست تي دليل ڏنا هئا. ڪيس اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏنا هئا ته ڪيس ۾ شيخ رشيد، شيرين مزاري، ماجد نيازي، عمر تنوير بٽ وغيره جي درخواست بريت خارج ٿي چڪي آهي. عمر ايوب کي واثق قيوم عباسي ۽ عمر تنوير بٽ جي اعترافي بيان تي نامزد ڪيو ويو آهي، عدالت عمر ايوب جي بريت واري درخواست ڪري ڇڏي آهي.