اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ فريادي سب انسپيڪٽر محمد رياض جو بيان قلمبند ڪيو ويو. ٻڌڻي جي شروعات ۽ محمد رياض جي بيان دوران مخالف وڪيلن پاران عدالت ۾ هنگامو ۽ نعريبازي ڪئي وئي. دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت جي جج امجد علي شاهه پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هنگامو ڪندڙ وڪيلن کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جي ايچ ڪيو حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ جج امجد علي شاهه ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪيس جي فريادي سب انسپيڪٽر محمد رياض بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي ميٽنگ ۾ ڊي وي ڊيز سميت پي ايم آر اي ۽ ايف آءِ اي کان مليل ٻيا ثبوت وڏي اسڪرين تي هلايا ويا. هن چيو ته سڀني ثبوتن مان ظاهر ٿيو ته پي ٽي آءِ هڪ جماعت جي حيثيت سان ملڪ اندر فوج ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت ڦهيلائڻ ۾ ملوث آهي. پي ٽي آءِ ملڪ اندر افراتفري ۽ انارڪي ڦهلائڻ چاهي ٿي. هن ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ ۽ شهريار آفريدي جون اشتعال انگيز تقريرون، موقعي ۽ آس پاس متعلق يو ايس بيز ۽ ڊي وي ڊيز منهنجي موجودگيءَ ۾ قبضي ۾ ورتيون ويون. بيان دوران جوابدار ڌر جي وڪيلن هنگامو ڪيو ۽ سينئر وڪيل سلمان اڪرم راجه کي عدالت ۾ گهرائڻ جو چوندا رهيا. وڪيلن چيو ته جيڪڏهن سلمان اڪرم راجه کي اندر نه گهرايو ويو ته عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪنداسين. پراسڪيوٽر ظهير عباس شاهه سلمان اڪرم راجه کي اندر گهرائڻ جي استدعا جي مخالفت ڪندي چيو ته سلمان اڪرم راجه هن ڪيس ۾ هڪ ڏينهن به معاونت ناهي ڪئي، رڳو پرتشدد احتجاج جي منصوبابندي لاءِ اندر اچڻ چاهي ٿو. پراسڪيوٽر موجب باني پي ٽي آءِ اعلان ڪيو آهي ته هو ملڪ گير احتجاج کي جيل مان ليڊ ڪندو ۽ سلمان اڪرم راجه هن منصوبي کي مڪمل ۽ منصوبا بندي ڪرڻ لاءِ جيل اندر اچڻ چاهي ٿو، هتي عدالتي ڪارروائي دوران سياسي گڏجاڻي جي اجازت ناهي. سلمان اڪرم راجه باني پي ٽي آءِ سان گڏجي رياست ۽ رياستي ادارن خلاف سازش ڪرڻ لاءِ باني پي ٽي آءِ سان صلاح مشورو ڪرڻ چاهي ٿو. جج چيو ته جوابدار ڌر جي وڪيلن ڄاڻي واڻي عدالتي ڪارروائي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. وڪيلن جي احتجاج سبب پراسڪيوشن جا ٻه شاهد سب انسپيڪٽر سليم قريشي ۽ منظور پنهنجا بيان قلمبند نه ڪرائي سگهيا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.