اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي ايچ ڪيو حملا ڪيس ۾ شيري مزاري، راجه راشد حفيظ ۽ ميجر رٽائرڊ طاهر صادق سميت وڌيڪ 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، ٽن جوابدارن تي فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي فرد جرم شيٽ تي صحي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي. ٻڌڻي دوران باني تحريڪ انصاف کي خصوصي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. خادم حسين، ذاڪرالله، عظيم الله خان، مهر محمد جاويد، چوڌري آصف تي به فرد جرم عائد ڪيو ويو. جوابدان شاهه محمد قريشي ڪرنل رٽائرڊ جمل صابه راجه، سڪندر زيب فرد جرم جي سيٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته انهن خلاف ثبوت ناقافي آهن. اسان جي 265 ڊي جي درخواست پهريان ٻڌڻي ڪئي وڃي. درخواست تي فيصلو اچڻ بعد فرد جرم شيٽ تي صحي ڪنداسين. وزير اعليٰ علي امين گنڊاپور، ميجر ريٽائرڊ طاهر صادق، عظيم الله خان، محمد الطاف ستي، مخدوم زين قريشي سميت 23 جوابدارن جي ضانت رد ڪرڻ لاءِ به درخواست دخل ڪرائي وئي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.