جي ايم سيد سنڌ جو اهو سياستدان ۽ محقق هو، جنهن سنڌ جي سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ جديد سنڌ جي سياست، خاص طور سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، سنڌ کي صوبي جي الڳ حيثيت ڏيارڻ، سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪرائڻ کانسواءِ 1970ع جي اليڪشن ۾ ذاتي طور تي حصو وٺڻ کانپوءِ مرڻ گهڙي تائين آزاد سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ تي قائم رهيو. ان کانسواءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب کي پيغام لطيف، جيئن ڏٺو مون، جنب گذاريم جن سين ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڏيڻ جو اعزاز رکندڙ جي ايم سيد 20 هين صديءَ جي سنڌ جي سياستدانن ۾ تاريخي ۽ نمايان ڪردار جي حيثيت ۾ ياد رکيو ويندو.
جي ايم سيد جو نالو ۽ ان متعلق مون کي ننڍپڻ کان ئي ڄاڻ هئي، ڇاڪاڻ ته سڪرنڊ ۽ سن اڄ به سنڌ جا ٻه جاڙا شهر آهن. وچ تي محرابپور جو شهر، پئي ٻيلو ۽ درياءَ سنڌ اچي وڃن ٿا. تنهنڪري خود جي ايم سيد ۽ سندس اولاد جن ۾ سيد امداد محمد شاهه، امير حيدر شاهه، زين شاهه جون زرعي زمينون، سياسي، ذاتي ۽ سماجي واسطا سڪرنڊ جي تمام ڪافي برادرين ۽ ماڻهن سان اڄ به قائم رهندا پيا اچن. جي ايم سيد جو سياسي اثر سڪرنڊ تعلقي ۽ سن سان لڳندڙ علائقي ۽ اتان جي شخصيتن، خصوصن سيد حسن بخش شاهه جيڪو موجوده قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو ڏاڏو هو، جنهن کي جي ايم سيد جي ساڄي ٻانهن سمجھيو ويندو هو. سيد حسن بخش شاهه ڪيترا دفعا جي ايم سيد سان واسطي جي ڪري سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. جي ايم سيد جو نالو پهريون دفعو مون پنهنجي ڏاڏي سائين محمد فاضل وٽان ٻڌو. منهنجو ڏاڏو انگريزن جي دور ۾ ٽپال کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. هُو کيس جيم شاهه سڏيندو هو. اڄ به سڪرنڊ جا وڏي عمر وارا ماڻهو کيس جيم شاهه جي نالي سان سڏيندا آهن. ڏاڏا سائين سڄي ڏينهن جو سفر ڪري خط کيس سن پهچائي ايندو هو.
هُو اسان کي جي ايم سيد جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. دل ۾ خواهش رهندي هئي ته ڪنهن به طرح سنڌ جي هن بزرگ سياستدان سان ڪچهري به ڪجي، جڏهن ته جي ايم سيد جي سالگرهه جيڪا هر سال سن ۾ 17 جنوريءَ تي ملهائي ويندي هئي، مون کي به سندس ڪيترين ئي سالگراهن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو.
سالگرهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سياري ۾ صبح جو سوير جيپ يا بس جي ذريعي محرابپور ۽ بعد ۾ پئي ٻيلي جو پنڌ ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سنڌو درياهه پار ڪري سن ۾ وڃي سالگرهه لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ شامل ٿبو هو. سن جي سڃاڻپ جي ايم سيد ۽ ان جي سياست آهي. بلڪه جي ايم سيد کانسواءِ سن ڪجھ به نه آهي. جي ايم سيد سان پهرين ۽ آخري تفصيلي ملاقات سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيل سن جي ڊاڪٽر شبير ميمڻ جي مهربانيءَ سان ٿي. شبير ميمڻ جهڙو پيارو دوست جيڪو هن وقت اسان ۾ موجود نه آهي، هو پنهنجي جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر شبير سان گڏجي آئون، منهنجا ننڍپڻ جا ٻه هم ڪلاسي دوست پير حمادالله هن وقت درگاهه خنياروي شريف جو سجاده نشين .منهنجو ٻيو دلبر دوست فيض رند جيڪو سياست ۾ مهراڻ يونيورسٽي/ڪاليج نوابشاهه ۾ سپاف جي پليٽ فارم تان سرگرم رهيو. فيض رند هن وقت خيرپور ۾ ايگريڪلچر انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي. اسان جي، جي ايم سيد سان اها تفصيلي ملاقات اڄ کان 42 سال اڳ ڊسمبر 1983ع تي سن ۾ سندس درياهه واري بنگلي تي ٿي هئي. جي ايم سيد سڪرنڊ ۽ سڪرنڊ جي ماڻهن کان تمام گهڻو واقفڪار هو. هن پير حمادالله کان سندس والد ۽ ٻين بزرگن جو پڇيو، هن ڳوٺ ميان شورا ۽ درگاهه خنياروي تي اچڻ جو ذڪر به ڪيو، بعد ۾ هن پنهنجي ايام ڪاريءَ جي ڪيترن ئي دلچسپ ۽ رنگين واقعن جو ذڪر پڻ ڪيو. هن تنهن وقت ايم آر ڊيءَ جي هلندڙ تحريڪ ۽ سنڌ جي سياست تي به تفصيل سان ڳالهايو. هن ان وقت تازو ئي سڪرنڊ جي پنهون خان چانڊيو ڳوٺ ۾ فوج طرفان 16 ڄڻن جي بيدردي سان قتل ٿي ويلن ۽ ان تحريڪ کي اقتدار جي بکين جي تحريڪ سڏيو ۽ چيو ته اهي ماڻهو اقتدار جي لاءِ مري رهيا آهن. جن تي افسوس ڇو ڪجي!؟؟ هن چيو ته پيپلا سنڌ جا دشمن آهن، هن پنهنجي هر مخالف خاص طور تي پ پ جي ڪنهن به اڳواڻ جي نالي وٺڻ سان، سندس چهري ۽ ڏند ڪرٽڻ مان سندس ڪاوڙ صاف ظاهر ٿي رهي هئي.
هن ٻڌايو ته آئون ذوالفقار علي ڀٽي جي تعزيت ڪرڻ جي لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ سندس گهر واري نصرت ڀٽو ۽ سندس ڌِيءَ بينظير ڀٽو سان مليس، مون کين چيو ته، “ذوالفقار ڀٽي کي پنجابين ماري ڇڏيو، توهان هاڻ سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪريو، اسين توهان سان گڏ هونداسون، پاڪستان جي سياست مان توهان کي ڪجھ به نه ملندو”. هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته، مُنهنجي ان ڳالهه تي نصرت ڀٽو ته خاموش رهي پر بينظير ڀٽو چيو ته اسان اهو نٿا ڪري سگهون، ڇو ته اسان جي سياست پاڪستان جي وفاق لاءِ آهي.
هن سنڌين ۽ اُردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کي ويجھو آڻڻ وارين ڪوششن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مهاجر اڳواڻ نواب مظفر ۽ ٻيا سن ۾ مون سان ملڻ ايندا رهندا آهن، اسان جون ڳالهيون جاري آهن، مهاجر ڀٽڪيل آهن پر اڳتي هلي هو ۽ اسان گڏ هونداسون. هن کلندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ضياءَ الحق کان نفرت ڪن ٿا، اسان امداد محمد شاهه جي پٽ جو نالو ضياءَ الحق رکي اڙجي ويا آهيون. هن اسان کي پنهنجي لائبريري گهمائي، لائبريري جي هڪ ڪمري ۾ سنڌ جي ڪجھ اهم سياستدانن جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي به تصوير لڳل هئي، پاڻ هڪدم چيائين ته هِيءُ تصويرن وارا سڀئي سنڌ جا تمام وڏا ماڻهو هئا، انهن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن ڪچهريءَ دوران ٻاهر اُٿي وڃي نماز به پڙهي، مون کانئس پڇيو ته، توهان نماز به پڙهندا آهيو؟ ٿورو وقت چپ رهي جواب ڏنائين ته ها…… عادت پئجي وئي آهي.
هن جي بنگلي جي هر ڪمري ۾ ٽيليفون سيٽ ۽ ايئر ڪنڊيشن لڳل هو. ڪتاب ۽ ڪٻٽ وڏي نفاست سان سجايل هئا. جي ايم سيد سان ڪچهريءَ دوران اسان کانئس مختلف سوال به ڪيا ته سنڌ جي آزاديءَ کانپوءِ سنڌ جي حڪمرانيءَ جو ڪهڙو نظام هوندو، جمهوري، سوشلسٽ يا ڪو ٻيو؟ تنهن تي وراڻيائين ته اهو آزاديءَ کانپوءِ جو سوال آهي. اسان جي سوالن مان ظاهر هو ته اسين نه ته سندس پارٽي سان واسطو رکندڙ هئاسون نه ئي سندس حمايتي، تنهنڪري ڪچهري دوران ڪيترائي دفعا سندس رويو اسان ڏانهن سخت پڻ ٿي پئي ويو. انهيءَ ڪچهريءَ دوران ڪجھ وقت لاءِ جيئي سنڌ جو شاگرد اڳواڻ دودو مهيري ۽ ساڻس گڏ غلام مصطفي شاهه (ٺٽو) جيڪو شايد ان وقت سپاف جو مرڪزي عهديدار هو، اهي به ويٺل رهيا. اسان جي کٽين ۽ مٺين ڳالهين واري ڪچهريءَ مان محظوظ ٿيندا رهيا. جي ايم سيد پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ نازڪ، نفيس ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار شخص هو، حد درجي جو مهمانواز هو. 1983ع تائين يا شايد ان کانپوءِ به ڪيترائي سال سن ۾ ڪابه مانيءَ جي هوٽل نه هئي. ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جو چوڻ هو ته سن ۾ ايندڙ هر ماڻهو منهنجو مهمان آهي، جيڪو سنڌ جي مهمانوازيءَ جي روايتن جو شاندار مثال هو. سندس اها به تمام وڏي خوبي هئي ته هُو هر مهمان کي ٻاهرين در تائين ڇڏڻ پاڻ ايندو هو. اسان کي ڇڏڻ آيو، باوجود اسان کيس اهڙي تڪليف نه ڪرڻ جو عرض ڪيو پر هن پنهنجي روايتن کي نه ڇڏيو. اسان ساڻس ڪيتريون تصويرون گڏ ڪڍرايوسين. منهنجي اها خوش قسمتي آهي جو مون سنڌ جي هن قدآور شخص سان ٻه ڏينهن ملاقات ڪئي. هن سان سنڌ ۽ سنڌين، مهاجرن، ايم آر ڊي جي تحريڪ تي کليءَ طرح خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان وقت منهنجو مطالعو ۽ سمجھ محدود هئي. ان کانپوءِ مون سندس تقريبن سڀ ڪتاب به پڙهيا آهن. مون وٽ اڄ به سندس بيانن ۽ انٽرويوز وغيره جا ڪيترائي فائيل جمع ٿيل آهن. هُو سنڌ جو وڏو سياستدان ۽ ان سان گڏ وڏو ليکڪ به هو. مون کي ائين لڳندو آهي ته جي ايم سيد سنڌ جو اهو واحد سياستدان آهي، جنهن سياست سان گڏ جيڪو لکيو آهي، ان کي پڙهڻ سان اسان جهڙن تاريخ جي شاگردن کي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.