جيڪڏهن مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو: عمران خان

0
219
شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو
جيڪڏهن مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو

 

زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان صحافين ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪئي ۽ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

هن چيو ته مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو، مراد سعيد مستقبل جو ليڊر آهي

هن چيو ته فوج سان ڪنهن جي به ويڙهه ناهي، هي فوج منهنجي آهي، وقت جلد تبديل ٿيڻ وارو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو سرپرائز ڏيندس، موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، چونڊن کانسواءِ ڪو حل ناهي

پارٽي ڇڏڻ وارن جي حوالي سان عمران خان چيو ته جيڪي ڇڏي رهيا آهن انهن مان ڪجهه مجبور آهن ۽ ڪجهه بي نقاب آهن، نوجوان پارٽي جو بهترين سرمايو آهن ۽ ٽڪيٽ سندن حق آهي، جڏهن ته صدر عارف علوي آئين موجب ڪم ڪندو

هن چيو ته اليڪشن رڳو پي ٽي آءِ ئي کٽيندي، مون کي گرفتار ڪيو ويو، نااهل ڪيو ويو ۽ مارڻ جي به رٿابندي ڪئي وئي، اڄ به ريفرنڊم ڪرايو ۽ نتيجو ڏسو، قسم کڻي چوان ٿو ته ڪڏهن به تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه نه ڪئي.

ان کان علاوه قانوني ٽيم به عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عمران خان ۽ سندس خلاف داخل ڪيسن تي قانوني مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته عمران خان قانوني ٽيم سان گرفتار پارٽي اڳواڻن جي آزادي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي

واضح رهي ته شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين آهي ۽ هن وقت گرفتار آهي