هانگ ڪانگ (شوبز نيوز)هانگ ڪانگ سان تعلق رکندڙ مشهور اداڪار، مارشل آرٽسٽ ۽ پرڊيوسر دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار آهي.فوربز جي هڪ رپورٽ موجب جيڪي چن جون 2019 کان جون 2020 جي وچ ۾ 40 ملين ڊالر ڪمايا.پر توهان ڄاڻو ٿا ته جيڪي چن ڪجهه سال اڳ هڪ چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اعلان ڪيو هو ته هو 350 ملين ڊالر جي ملڪيت پٽ جيسي چن کي ڏيڻ بجاءِ خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندو.ميڊيا رپورٽ موجب جيڪي چن جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ جيڪڏهن قابل آهي ته هو پيسا ڪمائي سگهي ٿو جيڪڏهن ناهي ته پوءِ هو صرف منهنجن پيسن جو ذيان ڪندو.