ممبئي(شوبز نيوز) جيڪي شروف جو والد علم  نجوم جو ماهر هو ۽ جڏهن جيڪي شروف ننڍو هو تڏهن ئي هن جي مستقبل ۾ سندس اسٽار ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي. ماضيءَ ۾ جيڪي شروف هڪ شو ۾ پنهنجي زندگي بابت ڪجهه اهڙيون حقيقتون ٻڌايون هيون جو ان کان اڳ تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻندا هئا. جيڪي شروف چيو ته هن جو ڀاءُ سندس علائقي جو اصل جگو دادا هو، جيڪو  ماڻهن جي مدد ڪندو هو. جوانيءَ ۾ هڪ ڏينهن سندس ڀاءُ ڪنهن جي جان بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو، پر هو ترڻ نه ڄاڻيندو هو،  جيڪي شروف جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ هڪ رس اڇلائي، جنهن کياهو پڪڙي ڪجهه دير لاءِ ترندو رهيو، پر پوءِ اها رسي سندس هٿ مان نڪري وئي. جيڪي شروف انڪشاف ڪيو ته ان وقت مان اڃا ننڍو ۽ ڏاڍو ڊڄڻو هئس ۽ سمنڊ ڪناري بيهي پنهنجي ڀاءُ کي ٻڏندي ڏسندو رهيس. جيڪي شروف چيو ته ڀاءُ جي وفات کان پوءِ مون فيصلو ڪيو ته مان پنهنجي علائقي جي ماڻهن جو خيال رکندس ۽ ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ مان جگو دادا بڻجي ويس.