واشنگٽن (م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هندستان طرفان ڪيترن ئي آمريڪي شين جي درآمد تي لڳل ڳري ٽيرف جي بدلي ۾ هندستان تي به ڳرا ٽيڪس لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته توهان اسان سان جهڙي طرح جو سلوڪ ڪندا بدلي ۾ توهان کي به ان جي اميد ڪرڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن اهي اسان تي ٽيڪس لڳائين ٿا ته اسدان به ان تي اهو ئي ٽيڪس مڙهينداسين. تقريبن سمورين شين تي هندستان اسان تي ٽيڪس لڳائي رهيو آهي پر اسان ان مٿان ڪو به ٽيڪس ناهيون لڳائي رهيا. ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هندستان اسان کان 100 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪري ٿو ته ڇا اسين ان کان ڪجهه نه وٺنداسين؟