ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سريلنڪا ۾  ڪپتان بابر اعظم سميت ٻين رانديگرن سان ملاقات ڪئي. ذڪاءَ اشرف رانديگرن کي آٿت ڏني ۽ چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي ان ڪري حوصلا بلند رکو. هن چيو ته غلطين مان سکو ۽ ايندڙ ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، هاڻي ايندڙ ميچن تي ڌيان ڏيو. ذڪاءَ اشرف جو چوڻ هو ته مون کي اوهان سڀني رانديگرن تي اعتماد آهي، اوهان ايشيا ڪپ کٽڻ جي صلاحيت رکو ٿا، اوهان مسلسل کٽيندا پيا اچو ۽ اڳتي پڻ کٽيندا. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ٻين رانديگرن سپورٽ ڪرڻ تي ذڪاءَ اشرف جا ٿورا مڃيا. بابر اعظم چيو ته ايندڙ ميچون کٽڻ لاءِ سخت محنت ۽ کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، سئو سيڪڙو راند پيش ڪنداسين، ايشيا ڪپ تي فوڪس آهي ۽ ضرور ڪامياب ٿينداسين.