جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اهو اوترو وڏو سياستدان آهي، ملڪي حالتون بهتر ناهن: پاڳارو

0
67
جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اهو اوترو وڏو سياستدان آهي، ملڪي حالتون بهتر ناهن: پاڳارو
جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اهو اوترو وڏو سياستدان آهي، ملڪي حالتون بهتر ناهن: پاڳارو

عمرڪوٽ/کپرو (نمائندن وٽان) کپرو ۽ عمرڪوٽ ويجهو حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳارو پنھنجي روحاني سفر جي سلسلي ۾ چوڪي اڇڙو ٿر جي خليفي فقير دريا خان راڄڙ جي پڪي دعوت ۾ شرڪت ڪئي ۽ ھزارين حرن کي زيارت ڪرائي، ان موقعي تي پير پاڳاري خطاب ڪندي چيو ته فوج اسان جي آھي ۽ اسان فوج جا آھيون، جن ملڪن ۾ فوج ناھي اھي دربدر آھن، هن چيو ته پنھنجي نياڻين کي سٺي تربيت ڏيو، خاص خيال رکو، پير پاڳاري چيو ته ڪجھه ماڻھن چيو ته توھان نياڻيون سفر ۾ ڇو ٿا وٺي اچو، مان کين چيو ته مريد نياڻيون وٺي ايندا آھن ته مان ڇو نه وٺي اچان، جماعت جون نياڻيون منھنجون آھن ته منھنجون نياڻيون به جماعت جون آھن، پير  پاڳاري چيو ته اولاد تي نظر رکو، ھڪ چڪر غلط صحبت ۾ اچي ويو ته مائٽن ۽ پاڙيوارن لاءِ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندو، هن چيو ته اڪثر  مان گهر کان ٻاھر نه نڪرندو آھيان، جڏھن ٻاھر نڪرندو آھيان ته منھنجيون نياڻيون گڏ ھونديون آھن، هن چيو ته ملڪ جون حالتون خراب آھن، جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالھائيندو اھو اوترو وڏو سياستدان ھوندو، پير پاڳاري چيو ته پنھنجي پاڙي وارن جو خيال رکو، مائٽ خوشي ۽ غمي ۾ دير سان پھچن ٿا، جڏهن ته پاڙيوارا سڀ کان پھريان پھچندا آھن، روحاني سفر دوران پير پاڳاري فقير سليمان راڄڙ، فقير مگھن منڱريو، فقير غازي سمون، صوفي فتح علي ۽ صوفي سليمان جي دعوتن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مريدن کي زيارت ڪرائي، رات دير سان پير پاڳارو غلام نبي شاھ لڳ ڳوٺ لعل محمد منڱريو ۾ فقير سچل منڱريو جي پڪي دعوت تي پھتو جتي اڄ سومر 09 ڊسمبر تي ھزارين حر فقيرن کي زيارت ڪرائڻ بعد روحاني خطاب ڪندو، عمرڪوٽ شھر ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيندو ۽ بعد ۾ مختلف دعوتن بعد ڳوٺ شھيد فقير امين منڱريو ۾ حر جماعت جي چيف خليفي ۽ جماعت جي سڀ کان وڏي چوڪي جيسلمير جي مک چيف خليفي فقير قادر بخش منڱريو جي پڪي دعوت تي ايندو.