ڪراچي: مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي تازو وائرل ٿيل غير اخلاقي وڊيوزبابت ڳالهائيندي جذباتي ٿي وئي
حريم شاهه نجي ميڊيا جي شو ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران اڻوڻندڙ وڊيوز بابت ڳالهائيندي حريم شاهه چيو ته منهنجا والدين ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود به اڃا تائين ڊسٽرب آهن، هُنن اڃا تائين مون کي ڪال به ناهي ڪئي، ماڻهو منهنجي واقعي کي مڪافاتِ عمل چئي رهيا آهن پر مون مفتي قوي کي ان جي غلط ڪمن تي چماٽ هنئي هئي
هن چيو ته شيخ رشيد سان گڏ جيڪڏهن مون غلط ڪيو هو ته هو اقتدار ۾ هو ۽ هُن منهنجي خلاق ايڪشن ڇو نه ورتو، اهو ان جي ڪري نه ٿيو ته مون ڪنهن سان غلط نه ڪيو
حريم شاهه جو چوڻ هو ته ماڻهو مون کي چئي رهيا آهن ته هي مڪافاتِ عمل آهي، مون کي ايئن نٿو لڳي، اڄ به انهن شين تي ڪو به پڇتاءُ يا رنج ناهيان، ماڻهو جيڪو به چون مان ڪڏهن ته ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي شرمنده ناهيان ٿي
ميزبان مٿيرا حريم شاهه کان مختلف ۽ مشڪل حالتن ۾ به مطئمن نظر اچڻ بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ حريم شاهه روئي ڏنو، ميزبان حريم شاهه کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر حريم جي مستقل روئڻ تي ميزبان کي شو کان بريڪ وٺڻو پيو
حريم شاهه شو دوران بغير نالو وٺندي صندل خٽڪ کي به جسم فروش عورت چيو ۽ انڪشاف ڪيو ته صندل جي شادي ٿي چڪي آهي ۽ هن جو مڙس فرانس ۾ آهي، صندل ان کي پئسا ڪمائي موڪليندي آهي، هن کي مون ڀيڻ وانگر رکيو پر جڏهن هوءَ پنهنجي قدمن تي بيٺي ته ان دوکو ڪيو
هن جو چوڻ هو ته صندل 7 کان 8 سال مون سان گڏ رهي پر ان دوران هن ڪڏهن به قرآن پاڪ نه پڙهيو، روزا نه رکيا ۽ هو اڄ ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪعبي ڏانهن هلي وئي آهي، هوءَ ته اسلام کان تمام گهڻو پري آهي
حريم شاهه چيو ته مان ٻارن کي ڪنهن به شين کان پري نه رکنديس، مون کي به جنهن شئي کان روڪيو ويندو هوندو انهن شين جي طرف ڌيان ڏيندي هيس
هي به پڙهندا
وڊيو ليڪ معاملو: حريم شاهه جي الزامن تي صندل خٽڪ جو رد عمل سامهون اچي ويو