جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد صدر پوليس باءِ پاس تي چوڪي نمبر 9 وٽ بلوچستان کان ايندڙ 2 ٽينڪرن کي روڪي هڪ لک 2 هزار ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪري ورتي، پوليس ڪارروائي دوران ڪي پي ڪي واسي ٻن اسمگلرن حبيب الله ۽ خيبر ايجنسي واسي عليم شاهه کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس ٻڌايو ته ايراني ڊيزل بلوچستان کان پنجاب اسمگلنگ ٿي رهي هئي، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن ٽينڪرن مان هڪ لک 2 هزار ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪيو.