جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ضلعي ۾ تعليم کاتو تباهه حال بڻيل، هڪ مهيني دوران 1733 استاد گوسڙو، 324 اسڪول بند پيل،  چيف مانٽرينگ آفيسر پاران سيپٽمبر مهيني جي رپورٽ پڌري، ڪاروائي جي درخواست، خبر موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ تعليم کاتي ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي، سي ايم او پاران پڌري ڪيل رپورٽ موجب سيپٽمبر مهيني ۾ پرائمري سائيڊ جا 845 استاد غيرحاضر، 336 استاد گوسڙو ۽ 39 استاد عادي گوسڙو نڪتا، مجموعي طور پرائمري سائيڊ جا 1250 استاد گوسڙو نڪتا آهن، جڏهن ته سيڪنڊري سائيڊ جا 385 استاد غيرحاضر، 92 استاد گوسڙو ۽ 6 استاد عادي گوسڙو نڪتا، مجموعي طور تي پرائمري ۽ سيڪنڊري سائيڊ جا 1733 گوسڙو استاد قرار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته پرائمري سائيڊ جا وزٽ دوران 140 اسڪول بند، 45 اسڪول عارضي بند ۽ 126 اسڪول مڪمل بند هئا، مجموعي طور 311 اسڪول  بند قرار ڏنا ويا، سيڪنڊري سائيڊ جا وزٽ دوران 5 عارضي طور، 3 مڪمل طور ۽ 5 بند هئا، مجموعي طور 13 اسڪول بند پيل آهن، مجموعي طور تي پرائمري ۽ سيڪنڊري سائيڊ جا 324 اسڪولن کي بند قرار ڏنو ويو آهي، چيف مانٽرينگ آفيسر پاران پڌري ڪيل رپورٽ ڊي جي مانيٽرينگ، ڊائريڪٽر پرائمري ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻو ۽ ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري جيڪب آباد کي اماڻي وئي آهي، ان سلسلي ۾ چيف مانٽرينگ آفيسر غلام محي الدين ٻرڙو ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ سيپٽمبر مهيني ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري سائيڊ جا 324 اسڪول بند نڪتا آهن، جنهن ۾ پرائمري سائيڊ جا 311 اسڪول شامل آهن، جڏهن ته پرائمري ۽ سيڪنڊري سائيڊ جا 1733 استاد گوسڙو نڪتا آهن، جيڪا رپورٽ اعليٰ اختيارين کي اماڻي وئي آهي، هن چيو ته گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ بند پيل اسڪول کولرائڻ جي ذميواري تعليم کاتي جي آهي، اسان رڳو نشاندهي ڪندا آهيون.