جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ عورت گوليون هڻي قتل

0
17
جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ عورت گوليون هڻي قتل
جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ عورت گوليون هڻي قتل

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد جکراڻي ۾ جوابدارن نوجوان عبدالقدير گلواڻي جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ جوابدارن بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش علي جکراڻي ۾ پهچي عورت ضميران کي گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، ان حوالي سان بقا محمد ٿاڻي جي ايس ايچ او موجب  عورت جي ڏير جوابدار صلاح عرف صلاحو گلواڻي ۽ مقتولڻ جو مڙس جوابدار صالح عرف ببرڪ عرف ڏاڏو گلواڻي گهر ۾ ويٺل عورت ضميران کي قتل ڪيو آهي، جاچ ۾ پتو پيو ته جوابدارن پهريان صدر ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان عبدالقدير گلواڻي جکراڻي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ گهر اچي عورت کي قتل ڪيو.

ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان پوليس اهلڪار جي شهادت سميت 15 ڪيسن ۾ روپوش هو

جيڪب آباد: مقتول نوجوان عبدالقدير گلواڻي جکراڻي تي 15 ڪيس داخل ٿيل آهن، مقتول عبدالقدير گلواڻي پوليس اهلڪار شاهنواز ککراڻي جي قتل ۾ به ملوث هو، جيڪو ان ڪيس ۾ روپوش جوابدار ڄاڻايل آهي، جيڪو ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي مائٽن هٿان مارجي ويو آهي.

عورت جي قتل جي الزام هيٺ آيل ڏير تي 15 لک انعام رکيل،  مڙس به مختلف ڪيسن ۾ نامزد ٿيل

جيڪب آباد: مقتول نوجوان ۽ مقتولڻ عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدار بدنام ڏوهاري آهن، عورت ضميران جو ڏير صلاح عرف صلاحو گلواڻي انعام يافته جوابدار آهي، جيڪو جاگير جي علائقي ۾ 25 اپريل 2023ع تي بلوچستان پوليس جي سب انسپيڪٽر سوڌو 7 اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد آهي، صلاح عرف صلاحو گلواڻي تي سنڌ حڪومت پاران 15 لک رپيا انعام رکيل آهي، جڏهن ته مقتولڻ عورت جو مڙس محمد صالح عرف بيبرڪ عرف ڏاڏو گلواڻي تي به مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن.