جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد مختيارڪار روڊ تي اڻڄاتل هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو ظفر وڳڻ جي گهر ۾ داخل ٿيا، ڏوهارين گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي الماڙي جا تالا ٽوڙي اندر پيل 16 لک روڪ، 8 تولن جا سونا زيور، موبائيل فون سميت قيمتي سامان ڦر ڪيو، مزاحمت تي پيرسن عبدالنبي عرف پپو وڳڻ کي جوابدار پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات جا تفصيل وٺي واپس رواني ٿي وئي، متاثرن جو چوڻ هو ته سندن گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو لڳو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري کين ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي طرف حد جي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.